نوابشاهه: ايس ٽي پي جو ڪراچي ۾ غازي ڳوٺ جا گھر مسمار ڪرڻ خلاف احتجاج

ڪارڪن شاهنواز ڪيريو، ٻڍل مگسي، ارشاد عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ سرڪار طرفان ڪراچي جي قديم سنڌي وسندي غازي ڳوٺ ۾ رهواسين جا گھر مسمار ڪرڻ ۽ نياڻين تي بيرحماڻي تشدد ۽ تذليل جي مذمت ڪجي ٿي.

سندن چوڻ هو ته سنڌ سرڪار ڌار لوڌي کي ڪراچي ۾ زمينون الاٽ ڪرڻ لاءِ ڌرتي ڌڻين جا اجها ڊاهي بي گھر ڪري رهي آهي، جنهن تي حڪمرانن کي شرم اچڻ گھرجي.

اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته غازي ڳوٺ تي چڙهائي ڪندڙ ونگاري پوليس عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري ڌرتي ڌڻين کي بي گھر ڪرڻ بند ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.