لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل کي واپارين کان بجلي جي بل ۾ فڪسڊ ٽيڪس واپس وٺڻ جي اپيل ڪري ڇڏي.
پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مريم نواز چيو ته مفتاح ڀاءَ بجلي جي بل تي ٽيڪس واپس وٺو، واپاري ڀائر پريشان آهن ۽ دانهون ڪري رهيا آهن.
مفتاح بھائی @MiftahIsmail بجلی کے بِل پر ٹیکس واپس لیں، تاجر بھائی پریشان ہیں اور شکوہ کر رہے ہیں۔ امید ہے آپ کوئی حل نکالیں گے۔
— Maryam Nawaz Sharif (@MaryamNSharif) July 31, 2022
هن اميد جو اظهار ڪيو ته توهان ڪو حل ڪڍندئو.
واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ واپاري بجلي بلن ۾ فڪسڊ ٽيڪس وصولي خلاف سراپا احتجاج آهن ۽ انهن بجلي جا بل جمع نه ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.