ڏهرڪي ويجھو زميني تڪرار تان جھيڙي ۾ نوجوان زخمي، اسپتال داخل

ڳوٺ ڪوڙو سميجو ۾ سميجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو.

جھيڙي جي نتيجي ۾ امداد سميجو زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارثن اسپتال پهچائي طبي امداد ڏياري.

زخمي نوجوان جي پيءُ حضور بخش سميجو ميڊيا آڏو الزام هڻندي چيو ته سندن زمين تي ربنواز، صدام، رحمت علي ۽ ٻيا قبضو ڪرڻ چاهين ٿا جنهن تان پٽ کي حملو ڪري زخمي ڪيو ويو.

هن ايس ايس پي گھوٽي ۽ ايس ايڇ او ڏهرڪي کان مطالبو ڪيو ته پٽ تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.