پيپلز بس سروس: مراد علي شاهه اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي وزيرن کي پيپلز بس سروس جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ ان جي روٽن کي درست ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مڪاني کاتن واري وزير ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير بريفنگ ڏني.

بريفنگ ۾ چيو ويو ته ماڊل ڪالوني، ريگل چوڪ ۾ پيپلز بس روٽ نمبر ون تي اسفالٽ ڪم جي ضرورت آهي، جڏهن ته ملير هالٽ، ايف ٽع سي ۽ آرام باغ جي علائقن ۾ فرش جو ڪم ٿيڻ باقي آهي.

مراد علي شاهه چيو ته روٽ ون جو مرمتي ڪم فوري طور شروع ڪيو وڃي، پيپلز بس سروس شهر لاءِ اهم آهي، ان جا سمورا مسئلا حل ڪيا وڃن.

وڏي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته شفيق موڙ، سهراب ڳوٺ، شاهه فيصل پل جي علائقن ۾ اسفالٽ جي ڪم جي ضرورت آهي.

مراد علي شاهه روٽ نمبر 2 جا سمورا ڪم ڏيڍ مهيني ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سمورن روٽن تي روڊن جي مرمت جو ڪم فوري طور شروع ڪيو وڃي.

وڏي وزير پيپلز بس سروس جا بس اسٽاپ ٺاهڻ جي به هدايت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.