لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج جسٽس راجا شاهد محمود عباسي لاڏاڻو ڪري ويو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج جسٽس راجا شاهد محمود عباسي لاڏاڻو ڪري ويو.

وارثن جو چوڻ آهي ته جسٽس راجا شاهد عباسي جي جنازي نماز سڀاڻي صبح جو 10 وڳي ايڇ 8 قبرستان اسلام آباد ۾ ادا ڪئي ويندي.

هنن ٻڌايو ته مرحوم کي ايڇ 8 قبرستان اسلام آباد ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو.

واضح رهي ته جسٽس راجا شاهد عباسي 25 جنوري 1963 ۾ پيدا ٿيو هو، هو 59 سالن جي عمر ۾ حقيقي خالق سان وڃي مليو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.