ڪراچي: هاڪس بي تي وهنجندي 6 نوجوان ٻڏي ويا، 4 جا لاش هٿ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ هاڪس بي ويجهو 24 ڪلاڪن دوران 6 ڄڻا ٻڏي ويا، جن مان 4 جا لاش ڪڍي ويا، جڏهن ته ٻن جي ڳولا جاري آهي.

هڪ واقعو اڄ صبح تقريبن 7وڳي پيش آيو، جتي لياقت آباد سنڌي هوٽل جا رهواسي هڪ ئي پاڙي جا 6 نوجوان ٽرٽل بيچ تي وهنجڻ دوران ٻڏي ويا.

شروعاتي طور ٽوٻن رامين ۽ سعد کي بچائي ورتو، جڏهن ته 24 ورهين جي نهال ۽ 18 ورهين جي عبيد جا لاش ڪجهه دير بعد ڪڍيا ويا، 17 ورهين جي فهد ۽ 25 ورهين جي شاهه رخ جي ڳولا جاري آهي.

ان کانسواءِ گذريل ڏينهن به سينڊسپٽ ڪناري تي پڪنڪ ملهائڻ لاءِ آيل نوجوان ٻڏي ويا هئا، جن مان 16ورهين جي محسن جو لاش گذريل ڏينهن ڪڍيو ويو هو، جڏهن ته 15 ورهين جي مامون جو لاش اڄ صبح ايڌي جي ٽوٻن ڪڍيو.

هوڏانهن ضلعي انتظاميا پاران سمنڊ ۾ وهنجڻ تي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي پر ان باوجود به شهرين جو وڏو انگ سمنڊ تي پهچي رهيو آهي.

پوليس هاڪس بي ڏانهن ويندڙ رستن کي بند ڪري ڇڏيو ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪيترن ئي ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي به ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.