ڊالر کانپوءِ سعودي ريال کي به پر لڳي ويا، رڪارڊ ٽوڙ مهانگو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) ڊالر جي اگهه ۾ واڌ سبب سعودي ريال جي اگهه ۾ واڌ جا سمورا رڪارڊ ٽٽي ويا آهن.

ملڪي ڪرنسي مارڪيٽ ۾ گذريل ساڍي 3 مهينن دوران جتي ڊالر جي اگهه ۾ واڌ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن اتي ٻين پرڏيهي ڪرنسين جي اگهن ۾ به وڏي واڌ ٿي آهي.

پاڪستان جي ڪرنسي مارڪيٽ ۾ ڪجهه مهينن دوران سعودي ريال جي اگهه ۾ 20 سيڪڙو واڌ ٿيو آهي.

سعودي ريال جيڪو ڪجهه مهينا اڳ 50 رپين تائين وڪرو ٿيندو هو، هاڻي اهو 63 رپين کان به مهانگو ٿي ويو آهي.

ٻڌايو ويو آهي ته ملڪي ڪرنسي مارڪيٽ ۾ سعودي ڪرنسي جو اگهه 63 رپيا 64 پئسن جي سطح تي پهچي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.