جان جوکي ۾ پئجي وئي، سلمان خان بلٽ پروف گاڏي وٺي ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ”سلطان“ سلمان خان موتمار ڌمڪيون ملڻ کانپوءِ پاڻ کي بچائڻ لاءِ بلٽ پروف ڪار خريد ڪري ورتي آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب سڌو موسيوالا جي قتل کانپوءِ سلو ميان کي به موت جون ڌمڪيون مليون آهن، جنهن کي نظر ۾ رکندي اداڪار پنهنجي سڪيورٽي تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهيو آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته دبنگ خان ڪا نئين ماڊل جي بلٽ پروف ڪار ناهي ورتي پر سندس اها پراڻي ڪار اداڪار ۽ سندس خاندان کي ڪنهن به حملي کان محفوظ رکندي.

تازو، اداڪار هٿيارن جو لائسنس حاصل ڪرڻ لاءِ ممبئي پوليس اسٽيشن ۾ پنهنجي درخواست پڻ جمع ڪئي هئي.

ياد رهي ته سلمان پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.