ترڪي ۾ موجود تڪراري ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه بابت افسوسناڪ خبر

انقره (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور ۽ تڪراري ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه پنهنجي مداحن کان دعائن جي درخواست ڪري ڇڏي.

ٽڪ ٽاڪ اسٽار پنهنجي يوٽيوب وڊيو ۾ مداحن کي پنهنجي خراب صحت بابت به آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اڄڪلهه طبيعت ناساز آهي.

هن دعا جي اپيل ڪندي چيو ته منهنجي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪريو.

ان کانسواءِ حريم شاهه کي پنهنجي مڙس سان گڏ ترڪي جي سپر اسٽور ۾ گهر جون ضروري شيون خريد ڪندي به ڏسي سگهجي ٿو.

يوٽيوب تي اپ لوڊ ڪيل وڊيو ۾ حريم شاهه ٻڌايو ته هو پنهنجي مڙس سان گڏ ترڪي ۾ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.