خطرناڪ مرضن ۾ مبتلا ڪندڙ غذا، جنهن جي نقصانن کان توهان اڻ ڄاڻ آهيو!

 

انسان ارتقائي طور تي مٺين غذائن جهڙوڪ ميون ۽ ماکي کي ترجيح ڏيندا آيا آهن، ڇاڪاڻ ته اها خوراڪ قديمي زماني کان توانائي حاصل ڪرڻ جو ذريعو ثابت ٿي آهي.

پر هاڻوڪي دور ۾ مٺيون غذائون گھڻيون سستيون ٿي ويون آهن ۽ سولائي سان ملي وڃن ٿيون، اهو ئي ڪارڻ آهي ته غذائن ۽ شربتن ۾ ماڻهو وڌيڪ کنڊ جسم جو حصو بڻائي رهيا آهن.

پر اهو قدرتي نه انسان جو تيار ڪيل پراڊڪٽ آهي ۽ ان جو گھڻو  استعمال صحت لاءِ نقصان ڏيندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته اها ٿولهه، شگر ٽائپ 2 جو شڪار بڻائڻ سان گڏوگڏ ڏندن لاءِ تباهي آڻيندڙ آهي.

کنڊ جي استعمال سان صحت کي ٿيندڙ نقصانن جي خدشي سبب سويٽنرز کي به تيار ڪيو پيو وڃي.

هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته غذائن ۽ شربتن ۾ کنڊ ۽ مٺاڻ جو استعمال هڪ ڏهاڪي ۾ گھڻو وڌي ويو آهي، خاص طور وچولي آمدني وارن ملڪن ۾.

تحقيق موجب سڄي دنيا ۾ مٺاڻ جو استعمال 36 سيڪڙو، جڏهن ته کنڊ سان تيار غذائن جو استعمال 9 سيڪڙو وڌي ويو آهي.

صحت جي عالمي اداري موجب هڪ بالغ مرد کي سڄي ڏينهن ۾ 9 چمچن کان گھٽ کنڊ استعمال ڪڻ گھرجي، جڏهن ته عورتن لاءِ اها مقدار 6 چمچن کان گھٽ آهي.

پر سڄي دنيا ۾ ماڻهو ان کان وڌيڪ مقدار ۾ روز جي بنياد تي جسم ۾ کنڊ جذب ڪري ڇڏيندا آهن.

جيتوڻيڪ کنڊ جي وڌيڪ استعمال سان نقصانن جي خبر ته گھڻن ماڻهن کي آهي پر هٿرادو مٺاڻ جو استعمال به ان جو حل ناهي.

تازي تحقيقي رپورٽن ۾ اشارو ڏنو ويو آهي ته هٿرادو مٺاڻ جي استعمال سان به شگر ٽائپ 2 ۽ دل جي مرضن جو خطرو وڌندو آهي، جڏهن ته معدي ۾ موجود بيڪٽريا تي به اثرانداز ٿيندو آهي.

مٺاڻ جو اهو قسم الٽرا پراسيس غذائن ۾ ملندو آهي ۽ انهي طرح جي غذائن جي وڌيڪ استعمال سان دل جي مرضن، شگر ٽائپ 2، ڪينسر ۽ موت جو خطرو وڌندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.