يوٽيوبرز ۽ وڊيو ايڊيٽرز لاءِ يوٽيوب جو زبردست ٽول، هاڻي شارٽس ۾ دير نه لڳندي

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) يوٽيوب هڪ نئون ٽول متعارف ڪرايو آهي جيڪو واهپيدارن لاءِ باقاعده وڊيوز کي شارٽس ۾ تبديل ڪرڻ کي سولو بڻائي ٿو.

شارٽس يوٽيوب جو هڪ فيچر آهي جيڪو ٽڪ ٽاڪ جيان مختصر وڊيوز ٺاهڻ ۾ مدد ڪري ٿو، هاڻي يوٽيوب هڪ نئون ٽول متعارف ڪرايو آهي جيڪو ڪنهن به وڊيو کي شارٽس ويڊيو ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو.

يوٽيوب ايپ ۾ هي ٽول ڪنهن به وڊيو کي 60 سيڪنڊن تائين ننڍو ڪري سڌي ريت شارٽ بڻائي ڇڏيندو.

توھان شارٽ طور پوسٽ ڪرڻ لاءِ ٽيڪسٽ، فلٽر يا وڌيڪ شيون شامل ڪري سگھو ٿا، اوهان شارٽس ۾ پنهنجي پوري وڊيوز جون لنڪس به ڏئي سگهو ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.