ڪامن ويلٿ گيمز: پاڪستان هاڪي ٽيم کي نيوزيلينڊ هٿان 1-4 تان شڪست

 

برمنگهم (ويب ڊيسڪ) ڪامن ويلٿ گيمز ۾ پاڪستان هاڪي ٽيم کي نيوزيلينڊ شڪست ڏئي ڇڏي.

برمنگهم ۾ ايونٽ جي ٻي ميچ ۾ قومي ٽيم ڪيويز خلاف پهريون ڪوارٽر سٺو کيڏي ۽ مقابلو بنا ڪنهن گول جي برابر رهيو پر ٻئي ڪوارٽر ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم حاوي رهي.

ڪيوي رانديگر هوگو ٻن منٽن ۾ ٻه گول ڪري ڇڏيا، 25هين منٽ ۾ غضنفر علي گول ڪري مقابلو پاڪستان جو کاتو کوليو.

ٽئين ڪوارٽر ۾ به ڪيويز ڇانيل رهيا ۽ ٿامس اسڪور 1-3 تي پهچائي ڇڏيو، جڏهن ته ميچ جي آخري لمحن ۾ لين سيم گول ڪيو ۽ نيوزيلينڊ کي 1-4 تان فتح ملي.

ايونٽ ۾ پاڪستاني ٽيم ٻن ميچن کانپوءِ رڳو هڪ پوائنٽ حاصل ڪري سگهي آهي ۽ ان جا سيمي فائنل تائين پهچڻ جا امڪان گهٽجي ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.