لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو فاسٽ بالر شعيب اختر سرجري ڪرائڻ لاءِ آسٽريليا پهچي ويو آهي.
مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هن وڊيو جاري ڪندي چيو ته آسٽريليا جي هن خوبصورت صبح ۾ پاڻ کي ڪجهه ڏينهن ۾ ڇري هيٺ وڃڻ لاءِ تيار ڪري رهيو آهيان.
These lovely mornings down under. Getting myself ready to go under the knife in a few days. Meanwhile having a good time in Sydney. Have had some great times in Australia. pic.twitter.com/PB0oUwBpm4
— Shoaib Akhtar (@shoaib100mph) July 29, 2022
هن وقت تائين سڊني ۾ سٺو وقت گذريو آهي، ان کان اڳ آسٽريليا ۾ به سٺو وقت گذريو آهي، انهن سڀني مداحن جو شڪر گذار آهيان جن مون کان پڇيو ته مان ڪيئن آهيان ۽ منهنجي سرجري لاءِ دعا ڪريو، اميد آهي جلد ٺيڪ ٿي ويندس.