وساريل اداڪارا منداڪني جي سالگرهه، ڄاڻيو سندس زندگي جا اڻ ٻڌل ۽ اهم راز

بالي ووڊ جي خوبصورت ادڪارا منداڪني اڄ 30 جولاءِ تي 59 ورهين جي ٿي وئي آهي.

منداڪني هميشه کان دقيانوسي خيالن کي ٽوڙڻ ۽ 80 جي ڏهاڪي جي آخر ۾ پردي تي گليمر وکيرڻ لاءِ سڃاتي وڃي ٿي.

منداڪني کي فلمن جي بي باڪ اداڪارا سمجهيو ويندو هو ڇو ته هن ڪڏهن به ڪنهن ڳالهه کان نه لنوايو.

منداڪني جي فلم رام تيري گنگا ميلي ۾ پنهنجي گليمرس اداڪاري سان پردي تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هو جڏهن ته ڪيتريون ئي يادگار فلمون ڏيڻ بعد هو غائب ٿي وئي ۽ کيس وساريو ويو.

اچو ته سندس جنم ڏهاڙي تي اداڪارا جي زندگي بابت ڪجهه دلچسپ ڳالهيون ڄاڻيون.

1

هر ڪو اداڪارا کي منداڪني جي نالي سان سڃاڻي ٿو پر منداڪني جو اصل نالو ياسمين يوسف آهي ۽ هو ڀارت جي ميرٺ جي رهواسڻ آهي.

2

فلم رام تيري گنگا ميلي ۾ ڊيبيو ڪرڻ کان اڳ منداڪني کي گهٽ ۾ گهٽ ٽن فلم پروڊيوسرز ڪم ڏيڻ کان منع ڪيو هو.

3

ڪجهه ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب منداڪني جا لاڳاپا گينگسٽر دائود ابراهيم سان رهيا آهن، اهو سمجهيو ويندو آهي ته هو سندس ويجهي دوست هئي.

4

اهي به خبرون آهن ته دائود ابراهيم رشي ڪپور تي منداڪني کي فلمن ۾ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو هو.

5

منداڪني جي ڪمار گورو سان ڪم نه ڪرڻ بابت بحث ٿيو هو، ڇو ته ڪمار گورو منداڪني سان ڪم نه پئي ڪرڻ چاهيو.

6

منداڪني راج ڪپور جي رام تيري گنگا ميلي ۾ بولڊ سين ڪيو جنهن کي سينسر بورڊ جي دٻاءَ باوجود راج ڪپور فلم کي پاس ڪرائڻ ۾ ڪامياب رهيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.