ڪامن ويلٿ گيمز: ڀارتي عورتاڻي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان کي 8 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

 

برمنگهم (ويب ڊيسڪ) ڪامن ويلٿ گيمز ۾ ڀارتي عورتاڻي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

برمنگهم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو.

ميچ برسات سبب 18 اوورن تائين محدود ڪئي وئي، پاڪستان اڳ ۾ کيڏندي 18 اوورن ۾ 10 وڪيٽن جي نقصان تي رڳو 99 رنسون ٺاهيون.

منيبه علي 32، عاليا رياض 18، بسمه معروف 17، عميمه سهيل ۽ عائشه نسيم 10-10، فاطمه ثنا 8، ڪائنات امتياز 2 ۽ طوبيٰ حسن هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿي، جڏهن ته ارم جاويد ۽ ڊيانا بيگ کاتو ئي نه کوليو.

جواب ۾ ڀارتي ٽيم گهربل هدف ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 38 بال اڳ ۾ حاصل ڪري ورتو، ڀارتي بيٽر سمرتي منڌنا 63 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي.

واضح رهي ته قومي ٽيم کي ڪامن ويلٿ گيمز ۾ مسلسل ٻي شڪست ملي آهي، پاڪستان کي پهرين ميچ ۾ بارباڊوس هٿان شڪست ٿي هئي، جڏهن ته گرين شرٽس جو ايندڙ مقابلو آسٽريليا سان ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.