ميري پاس تم هو ۾ دانش جي موت واري سين بابت همايون جو انڪشاف

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪار همايون سعيد پنهنجي مشهور ڊرامي ”ميري پاس تم هو“ ۾ دانش جي موت جو راز انڪشاف ڪندي چيو آهي ته ڊرامي ۾ دانش جو موت منهنجي چوڻ تي ڪيو ويو.

هڪ شو دوران هڪ عورت همايون سعيد کان ”ميري پاس تم هو“ ۾ سندس ڪردار دانش جي موت بابت سوال ڪيو.

جواب ۾ هن چيو ته موت منهنجي خواهش تي ٿيو، مان چاهيان پيو ته ڊرامي تي بحث ٿئي، جيڪڏهن ڊرامي جي آخر ۾ دانش ڪنهن ٻيءَ عورت سان شادي ڪري ها ته پوءِ ان بابت ڪو به نه ڳالهائي ها ۽ جيڪڏهن دانش شادي ڪري به ها ته به هو ڪڏهن خوش نه ٿي سگهي ٿا، ڇاڪاڻ ته کيس پهرين زال ياد اچي ها.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.