ملڪ ۾ آئيني دنگل ۽ آپگهاتي سياست

علي محمد ميمڻ

وفاقي حڪومت ۽ اتحادين طرفان هاڻوڪن اجلاسن ۾ ڪيل سخت فيصلن جا نتيجا يقينن سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن ملڪ ۾ وفاقي حڪومت، اتحادي سياسي قوتن ۽ حامي طاقتن  جي  پي ٽي آءِ جي ڪپتان عمران خان ۽ انهن جي پنجاب ۽ خيبرپختواهه جي صوبائي حڪومتن  سان سڌي دنگل ۽ وڏي ملاکڙي جي شروعات ٿي وئي آهي وفاق جي اتحادي ڌرين جي هٿن مان پنجاب حڪومت جي ڦرجي وڃڻ ۽ ڪپتان عمران خان ۽ سندس حامين طرفان اتحادي حڪومت کي به ڪيرائڻ جي ڪيل اعلانن بعد وفاقي سرڪار طرفان پڻ جواب ۾وڏيون ڪارروائيون شروع ٿي ويون آهن. حڪمران اتحاد جي اسپيڪر قومي اسيمبلي راجا پرويز اشرف طرفان  پاڪستان تحريڪ انصاف جي سمورن قومي اسيمبلي جي استعيفيٰ ڏنل ميمبرن مان پهرين مرحلي ۾ قومي اسيمبلي جي11 ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري  ڪپتان عمران خان ۽ سندس جماعت تحريڪ انصاف کي پارليامان مان نيڪالي ڏيڻ واري ڪارروائي  ڪئي وئي آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ تحريڪ انصاف جي استعيفيٰ ڏنل قومي اسيمبلي جي 130 ميمبرن جي هڪ وڏي حصي جي ميمبر شپ ختم ٿي سگهي ٿي  .

هوڏانهن، ڪپتان عمران خان ۽ سندس جماعت تحريڪ انصاف جي آپگهاتي سياست ۽ عالمي ميڊيا ۾ پرڏيهي فنڊنگ جي خوفناڪ ڪيسن جي شايع وارو معاملو پڻ  سندن مشڪلاتن ۾ تمام گهڻو اضافو ڪرڻ جو سبب بنجي ويو آهي. جڏهن ته پنهنجي ملڪ ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان وٽ تحريڪ انصاف جي آندل غير قانوني پرڏيهي رقمن ۽ مالي امداد  واري ڪيسن جو فيصلو ۽ اعلان ٿيڻ جو اڃا تائين انتظار آهي، اميد ڪري سگهجي ٿي ته اهو پڻ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ هڪ نئين ايٽمي ڌماڪي جي صورت ۾ ملڪ ۽ تحريڪ انصاف جي قيادت ۽ سيڙپڪارن لاءِ  ڪوڙڪي ۽ پڪڙ ڌڪڙ جو سبب بنجي سگهي ٿو. ڪپتان عمران خان   طرفان پاڻ کي طاقتور مرڪزن ۾ وري قابل قبول بنائڻ واريون اپيلون، محنتون ۽ ڪاوشون پڻ ڪيون پيون وڃن پر شايد مٿي ڦريل ڪپتان خان هٿان زخمي ٿيل ڌريون  وري هن تي  اعتبار ۽ ڀروسو ڪرڻ لاءِ  شايد تيار نه  آهن

پنجاب ۾ڪپتان عمران خان جي طرفدارن جهڙي ريت، هڪ هارايل جنگ کٽي ۽  پي ٽي آءِ طرفان نامزد ڪيل ۽ قاف ليگ جي ميمبر چوڌري پرويز الاهي کي آڻي وڏو وزير بڻايو ويو آهي، انهيءَ جادوگري يقينن ملڪ جي  عوام ۽ سياستدانن کي حيران ڪري ڇڏيو ان عمل سان ملڪ ۾ آئيني ، قانوني ۽ سياسي محاذن تي کليل نموني ورهاست ۽ تقسيم وارو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ ملڪ  نون تڪرارن، جٿابندين ۽ صف بندين جي حوالي ٿي ويو آهي. حڪومتن ۽ سياسي قوتن ۽ مخالف ڌرين ۾ دنگل، ملاکڙا ۽ مقابلا ،وفاق کان وٺي صوبن جي هر هڪ حصي، شهرن ۽ ٻهراڙين تائين پکڙي رهيا آهن.   وفاقي حڪومت ۽ صوبن جي حڪومتن،  پارليمان، صوبائي اسيمبلين ۽ مڪاني ادارن ۾ پڻ ٻن مخالف اتحادن ۽ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ کلئي نموني اڀري سامهون اچي وئي آهي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ هن وقت  پي ٽي آءِ جي 131 ميمبرن طرفان استعيفائون  اسپيڪر وٽ منظوري لاءِ  موجود آهن. ايندڙ ڏينهن ۾ پي ٽي آءِ جي قيادت ۽ ٻين ميمبرن جون استعيفائون منظور ٿيڻ  ۾ پڻ تيزي اچڻ لازمي ڳالهه آهي. هنن استعفائڻ بعد خالي ٿيل سيٽن ۽ تڪن تي ننڍيون چونڊون يقيني طور تي ٿينديون. امڪان آهي ته، حڪمران اتحاد جون جماعتون هڪٻئي جي مدد ۽ تعاون سان قومي اسيمبلي جي خالي ٿيندڙ  131 سيٽن مان  جي لڳ ڀڳ 100 سيٽون کٽي پنهنجي مضبوط حڪومت قائم ڪرڻ جي اميد رکن ٿا. اهو پڻ ممڪن آهي ته، پي ٽي آءِ جي مستعفي  اسيمبلي ميمبرن  جي هڪ تعداد پي ٽي آءِ جي مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض ۽ سندن ٻين ساٿين وانگر عمران خان جي سياست کان لاتعلق ٿي وڃي ۽ حڪومت سان تعاون ڪرڻ جو فيصلو ڪري ته ان صورت ۾ اهڙن ميمبرن کي  ايوان ۾ اچي پنهنجيون سيٽون سنڀالڻ ۽ حڪومت جي قانونسازي ۾ شريڪ ٿيڻ جا موقعا پڻ ملي سگهن ٿا.حڪومت جي هن جوابي ۽ جارحاڻي حڪمت عملي جي نتيجي ۾هڪ پاسي. اڳوڻي وزير اعظم عمران خان کي هاڻوڪي اسيمبلي ذريعي  ٻيهر حڪومت حاصل ڪرڻ کان محروم ڪري ڇڏيو آهي پر هاڻي ميان شهباز شريف ۽ اتحادين واري حڪومت طرفان پنهنجو هڪ سال وارو رهيل مدو آساني سان پورو ڪرڻ لاءِ  پڻ رستا صاف ڪيا پيا وڃن.وفاقي ۽ سندس حامي  ڌرين ۽ صوبائي حڪومتن طرفان پڻ  عمران خان ۽ سندس طرفدارن سان هڪ هڪاڻي ٿيڻ لاءِ  هرجاءِ تي ميدان تيار ٿي رهيا آهن ۽  اسان ۽ پنهنجن پڙهندڙن کي ڄاڻايل ٻنهي ڌرين ۾ٿيندڙ آئيني دنگل سياسي ڪرتبن ۽ جنونيت ، ديوانگي۽ آپگهاتي سياست وارا مظاهرا يقينن وڏي تعداد ۾ ڏسڻ جا موقعا  ملي سگهن ٿا.

تمام گهڻي دلچسپ صورتحال آهي ته،   ملڪ ۾ گذريل چئن سالن کان جاري سياسي ڇڪتاڻ اڳتي وڌي وڏي آئيني دنگل ۽ سياسي ملاکڙي ۾ تبديل ٿي وئي آهي. اڳوڻي وزير اعظم عمران خان خلاف پارليمان ۾ بي اعتمادي واري رٿ جي منظور ٿيڻ واري پريشاني واري حالت ۾ پنهنجي سموري جماعت جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي استعيفائن جو اعلان ڪيو ۽ ان بعد سمورن ميمبرن جون استعيفائون اسپيڪر کي ڏياري موڪليون جيڪي هن وقت  پاڻ سميت سموري پارٽي طرفان ڪيل باجماعت آپگهات جي هاڃيڪارين ۽ پارٽي جي موت جي صورت  سامهون اچي ويون آهن. اڳتي هلي پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان طرفانخاص قسم جي مدد سان  پنجاب حڪومت وري هٿ ڪرڻ بعد صبر ڪرڻ بجاءِ وفاقي حڪومت کي به ڪيرائڻ جو اعلان ڪيو ويو جنهن سان ملڪ ۾ هڪ نئون ممڻ مچي ويو. آخرڪار حڪومتي، رياستي ۽ سياسي قوتن طرفان رانديگرن کي ملڪ سان وڌيڪ راند ڪرڻ کان روڪڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽  جوابي قدم کڻندي  قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف طرفان تحريڪ انصاف جي 11 ايم اين ايز جون استعيفائون قبول ڪرڻ بعد اهو معاملو چيف اليڪشن ڪمشنر کي موڪليو ويو. اليڪشن ڪميشن طرفان پڻ پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي جي ڄاڻايل يارنهن ميمبرن جي استعيفائن ۽ سيٽون خالي ٿيڻ جو نوٽيفيڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو ويو، اسپيڪر ۽ چيف اليڪشن ڪميشن جي هنن فيصلن يقينن ڪپتان عمران خان ۽ پي ٽي آءِ  جي ڦوڪڻي مان هوا ڪڍي چڏي آهي ۽ سندن پارلياماني طاقت کي پڻ ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. عمران خان جي پنهنجن فيصلن ۽ ڏاڍ ڏهڪاءُ ۽ نفرتن واري سياست واري نانگ آخرڪار ڪپتان خان ۽ سندس جماعت کي ئي ڏنگڻ ۽ مارڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سهڻي سنڌي ۾ مشهور چواڻي آهي ته،رب رسي ته مت کسي هڻي کين هٿيار يا اهو پڻ چيو ويندو آهي ته سائين! پنهنجي وڍئي جو ويڄ نه طبيب . .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.