عام چونڊون اڳ ڪرائڻ ۾ ڏچو آھي يا نه!!

محمد خان سيال

اڄڪلهھ مختلف سياسي ڳواڻن جي بيانن ذريعي اھو تاثر پيدا ٿي رھيو آھي ته جيڪڏھن ملڪ اندر مقرر وقت کان اڳ، عام چونڊون ٿيون ته ملڪ ۾ سياسي اڳواڻ عمران خان نيازيءَ طرفان پيدا ڪيل مکيه پر ڳاٽي ٽوڙ مسئلو نبيرجي ويندو ۽ ملڪ سکيو ستابو ھئڻ يعني خوشحاليءَ ڏانھن سفر جاري رکندو پر ڪن جو چوڻ آھي ته مقرر وقت کان اڳ اليڪشن ڪرائڻ سبب ملڪ وڏي ڏچي ۾ پئجي ويندو. انھيءَ سلسلي ۾ اسان کي  بي ريا بڻجي سچائيءَ سان  ڇنڊڇاڻ ڪرڻي پوندي ڇاڪاڻ ته اھو مکيه سوال ملڪ جي فائدي خاطر اھم آھي.

اسان جي ملڪ ۾ مقرر وقت کان اڳ، عام چونڊن ڪرائڻ جا پراڻا ناٽڪ ٿيندا رھيا آھن ۽ ملڪ جي تاريخ ڏسجي ته ڪي ايڪڙ  ٻيڪڙ سياسي پارٽين پنھنجا پنج ورھيه پورا ڪيا آھن پر عام طور گھربل پنج ورھيه پورا ٿيڻ ڪونه ڏنا ويا آھن جيڪو دکدائڪ داستان آھي. اھا الڳ داستان آھي ته اسان جي ملڪ ۾ ڊڪٽيٽرن اٽڪل چاليهھ ورھيه حڪمراني ڪئي آھي جيڪي ملڪ لاءِ ھاڃيڪار ھئا جو ملڪ جي گهڻائي  يعني 56 سيڪڙو آباديءَ وارو صوبو اوڀر پاڪستان الڳ ملڪ بنگلاديش بڻجي ويو جن جون پاڪستان ٺاھڻ ۾ مکيه خدمتون ھيون.

بھرحال، اچو تو ھاڻوڪي سياسي صورتحال جو جائزو وٺون. سو ڳالھ ٿي ڪئي سون مقرر وقت کان اڳ عام چونڊن ڪرائڻ جي. بھرحال، زوردار مطالبن ڪارڻ اھو سوال، بڻجي ويو آھي ته  جيڪڏھن مقرر وقت تي  عام چونڊون ڪرائجن ته ڇا ملڪ خطرناڪ بڻجي ويندو؟ھاڻي سياسي اڳواڻن جي ميڊيا ۾ شايع ٿيل بيانن جو به جائزو وٺڻو پوندو. انھيءَ موضوع تي تازو سرڪار ڌر جي حامين کان علاوھ مخالف ڌر يعني عمران خان جي حامي شيخ رشيد جا بيان به تازو ميڊيا ۾ شايع ٿيا آھن. مختصر طور ٻنھي ڌرين جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻي پوندي. اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد انوکي دعوى ڪئي آهي ته ملڪ ۾ نين چونڊن ڪرائڻ واري مسئلي تي ھڪراءِ ٿي ويا آھيون. قوم چونڊن جي تاريخ، نين چونڊن ۽ نگران سرڪار بابت ترت فيصلو ٻڌندي. عوامي مسلم ليگ جي سربراھ شيخ رشيد اھا به مکيهدعويٰ ڪئي آھي ته ملڪ ۾ ننڍين (ضمني) الڪيشن بدران نيون چونڊون ٿينديون، مامرو نبيرجي ويو آھي، ’قرنطينا وارن‘ چونڊن جي ڳالھه مڃي ڇڏي آهي، پر رڳو فضل الرحمان رهجي ويو آهي. سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ شيخ رشيد وڏيڪ چيو ته آڪٽوبر ۾ اليڪشن جي تاريخ، نئين اليڪشن ڪميشن ۽ نگران سرڪار جو فيصلو قوم ترت ٻڌندي.

بھرحال، وفاقي سرڪار جي  حامي پي ڊي ايم جي سربراھ مولانا فصل الرحمان جو بيان به ڏسڻو پوندو. سندس چواڻي: اسلام آباد ۾ پي ڊي ايم جي گڏجاڻيءَکانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان جو گند هڪ سال ۾ صاف ڪرڻو ڏکيو آهي، عمران خان، نوجوانن کي گمراهه ڪري رهيو آهي. پي ڊي ايم جو اجلاس وڌيڪ ڪجهه ڏينهن جاري رهندو، سياسي جماعتن جي راءِ وٺي گڏيل حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته ملڪ جي ساک بچائڻ اسان لاءِ چئلينج آهي، اليڪشن ڪميشن فوري طور فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌائي، ثابت ٿي ويو ته پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن کان پنهنجا اڪائونٽ لڪايا آھن.

ن ليگ قائد، نواز شريف به وڊيو لنڪ ذريعي  گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيو. ن ليگ قائد نواز شريف چواڻي: لاڏلي جو چئن ورھين جو گند اسان تي وڌو ويو آھي، مان پهرئين ڏينهن کان ئي سرڪار ۾ اچڻ جو مخالف هيس. بھرحال، گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اتحادي سرڪار پنهنجو مدو پورو ڪندي. ھاڻي اھو سوچڻو آھي ته جيڪڏھن اسان جي ملڪ اندر مقرر وقت کان اڳ نيون عام چونڊون ٿينديون ته ڇا انھيءَ ۾ ملڪ جو فائدو ھوندو ۽ ملڪ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ۽ ٻين مسئلن کان نڪري ويندو؟ ساڳي وقت اھو به سوچڻو پوندو ته عمران خان کي جڏھن وزيراعظم طور اسيمبليءَ جي ووٽن ذريعي قانوني طور ھٽايو ويو آھي ته ھو بار بار  اليڪشن ڪرائڻ جو مطالبو ڇو ڪندو رھندو آھي پر انھيءَ سلسلي ۾ ڪيترا اھم سوال به آھن جن تي به صورتحال کي سمجھڻ لاءِ ويچار ڪرڻو پوندو ته عمران خان پوڻا چار سال وزيراعظم رھيو ھو ته ھن عوام جا بنيادي يعني مکيه مسئلا نبيري ڇڏيا يا گهٽ ۾ گهٽ نبيرڻ لاءِ ايمانداري ۽ نيڪ نيتيءَ سان ڪوششون ڪندو رھيو يا وري رڳو ماڻھن کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ سکڻا”وڻندڙ بيان“عام ماڻھن کي گمراھ  ڪرڻ لاءِ جاري ڪندو رھيو.

منھنجي ڇنڊڇاڻ آھي ته عمران خان کي  شروع کان اھو وھم آھي ته سندس سکڻن وڻندڙ ۽ لاڳيتين بيانن جي ڪري، ملڪ جا اھم ۽ بنيادي مکيه مسئلا سڀ  پاڻمرادو نبيرجي ويندا ۽ ملڪ نيڪ نيتيءَ ھيٺ ترقي ڪندو رھندو. منھنجو تبصرو آھي ته سکڻن بيانن سان ملڪ جا اھم مسئلا نبيرجي ڪونه ويندا آھن  جڏھن ته عوام شروع ۾ اھڙن بيانن تي ڀروسو ڪندا رھندا آھن ۽ اڳتي ھلي کين سچائي نصيب ٿيندي آھي ته ڪوڙا بيان جاري ڪندڙن کان لاڳيتي نفرت ڪندا رھندا آھن. بھرحال، عمران جي بيانن مان لڳي ٿو عام ماڻھو ته ھڪ شخصيت جو مالڪ ھوندو آھي پر عمران ٻن شخصيتن جو مالڪ آھي يعني عوام کي گمراھ ڪندڙ بيان ڏيڻ وارو الڳ ۽ سٺن بيانن تي عمل نه ڪرڻ وارو الڳ. بھرحال، اھا سو سيڪڙو سچائي آھي ته عمران خان نيازيءَ جي بيانن تي ڀروسو ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آھن.

ھاڻي اچو ته وري اليڪشن وقت کان اڳ ڪرائڻ جي مسئلي تي ڳالھايون. منھنجي خيال ۾ مقرر وقت تي اليڪشن ڪرائڻ يا وقت کان اڳ اليڪشن ڪرائڻ ٻنھي مسئلن ۾ زمين آسمان جو فرق ھوندو آھي. مقرر وقت تي اليڪشن ڪرائڻ جي سڄي دنيا جي اھم ملڪن ۾ آجيان ڪئي ويندي آھي پر وقت کان اڳ، جائز سبب کانسواءِ ۽ ڪن سياستدن جي خاص فائدي ۾ اليڪشن ڪرائڻ ٻيئي معاملا خطرناڪ ھوندا آھن.

آمريڪا جو مثال اسان جي اڳيان آھي، اتي اليڪشن ۾ سربراھ يعني صدر اھڙا به آيا جيڪي  ملڪ لاءِ تباھيءَ جو سبب بڻيل ھئا پر کين عام طور ھر صورت ۾ حڪمرانيءَ جو چئن ورھين جو مدو پورو ڪرڻ ڏنو ويو ۽ اھڙا حڪمران ٻيو ڀيرو اقتدار ۾ ڪونه ايندا آھن جڏھن ته آمريڪا ۾ ملڪ جا سربراھ يعني صدر وڌ کان وڌ ٻه ڀير اقتدار ۾ رھندا آھن، وڌيڪ ڪونه، پوءِ ڀلي سندن ڪارڪردگي ڪيڏي نه عاليشان ڇو ڪونه ھجي پر اسان جي ملڪ ۾ ائين ڪونھي. ھتي ملڪ جا سربراھ ڪيترا ڀيرا اقتدار ۾ رھي سگھن ٿا.

بھرحال، عمران خان جو ناٽڪ اھو آھي ته ھو اڳ ”سليڪٽيڊ“ طور اقتدار ۾ آيل ھو ۽ ھاڻي به اھڙي ريت جائز يا ناجائز طريقي سان ٻيھر اقتدار ۾ اچڻ گهري ٿو.  اھو به نوٽ ڪرڻ گهرجي ته  پاڪستان پيپلز پارٽيءَ (پ پ پ) جي سربراھ بلاول ڀٽو زرداريءَ قومي اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي چيو آھي: ائين نٿو ٿي سگهي ته اسان لاءِ ھڪ آئين ۽ ”لاڏليَ“ لاءِ ٻيو آئين ھجي. اسٽيبلشمنٽ ۽ عدالتن جو ڪردار تڪراري نه ھئڻ گهرجي. 52 بي، اختيار صدر وٽ ڪونھي، نئون 58 ٽو، اختيار عدالت وٽ ھليو ويو آھي. منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب اھا ڳالھه خاص ڪري نوٽ ڪرڻ جي آھي ته جڏھن آصف علي زرداري ملڪ جو صدر ھو ته ھن پنھنجي طرفان صدر جا اختيار گھٽائي ڇڏيا ھئا يعني 52 بي اختيار صدر ھئڻ باوجود موٽائي ڏنا ھئا. جيڪڏھن اھي اختيار عمران خان جي  حامي ھاڻوڪي صدر عارف علوي وٽ ھجن ھا ته اسيمبلي سولائيءَ سان ٽو ڙي ڇڏي ھا ۽ عمران خان خوشيءَ ۾ ڊانسون ڪري ھا. منھنجي خيال ۾، ملڪ کي تباھ ڪرڻ جي گڙٻڙ عمران خان کليو کلايو پيدا ڪري ٿو سو سندس ڪارڪردگيءَ بابت ميڊيا جي ڪجھ خبرن جو حولالو ڏنو ويندو ته جيئن صورتحال کي وڌيڪ سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي.

برطانيا جي اھم ميڊيا فنانشل ٽائيمز خبر ڏني آھي ته برطانيا ۾ مختلف ذريعن سان گڏ ڪيل رقم  پي ٽي آءِ (عمران خان جي پارٽي) کي خيرات طور مليل آھي.ان کان علاوھ، ابوظھبيءَ جي شاھي خاندان جي ھڪ وزير به 20 لک پائونڊ ڏنا آھن. سنڌ جي وزير شرجيل ميمڻ جو بيان آھي ته اھا به ڳڻتي جوڳي ڳالهھ آھي ته فارن فنڊنگ ڪيس ۾ عمران جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو وڃي. جيڪڏھن وفاقي سرڪار چاھي ته اڄ به عمران خان کي گرفتار ڪري سگھي ٿي.

بھرحال، منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب  مقرر وقت کان اڳ، عمران خان جي دٻاءَ ھيٺ عام  اليڪشن ڪرائڻ بلڪل جائز ڪونھي ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان مسئلا گهٽجڻ بدران گهڻو وڌيِ ويندا ڇاڪاڻ ته عمران خان نيازيءَ جو رويو زوردار خطرناڪ رھيو آھي. بھرحال، وفاقي سرڪار جي حامي گروپ پي ڊي ايم  جو اھڙو فيصلو درست آھي جيڪو ملڪ جي مفاد خاطر آھي يعني مقرر وقت تي عام اليڪشن  ڪرائي وڃي اڳ بلڪل ڪونه.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.