الوداع منھنجا محبوب مراد

اصغر ميراسي

موت برحق آھي هر ڪنهن کي موت جو ذائقو چکڻو به ضرور آھي جيڪو هن دنيا ۾ آيو آھي ان کي   هن دنيا کي الوداع به  چوڻو پوندو پر ڪي موت گهر، خاندان، دوستن، شهرن توڙي علائقن کي وڏو  نقصان ڏئي ويندا آھن هنن جي وڇڙي وڃڻ سان هر چهري تي مايوسي ڇائنجي ويندي آهي شھر سنسان لڳندا آھن تحريڪون ماٺار وٺي وينديون آھن اوطاقون ويران ٿي وينديون آھن ڪچهرين ۾ مزو ناهي رهندو هر طرف ويرانگي نظر ايندي آھي، سندن خال ڀرڻ لاءِ  وقت لڳندو آھي ڪڏھن ڪڏھن اهڙا انسان وقت کان اڳ مري ويندا آھن. جن جي مري وڃڻ سبب سندن خال ڪڏھن به ڀرجي ناهي سگهندو. پر دل دماغ کي يقين ڏياربو آھي ته فلاڻو دوست اڳواڻ ليڊر ھاڻي اسان ۾ ناھي رھيو پر سندس پٽ ڀاءُ رشتيدار هن ڌرتي تي موجود آھن اهو پارٽي ،گهر، دوستن کي سنڀالي ويندو جئين هو سڀني شين کي ڪور ڪري پيو هي به ان طرح سڀني مسئلن کي  هلائي سگهي ٿو

اهڙي طرح گذريل ڏينهن  منهنجو دوست ڀرجلهو هر ڏک سک جو ساٿي سياسي اڳواڻ مون سميت سڀني پارٽي جي دوستن کي گڏ کڻي هلندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي شھيد ڀٽو اڳواڻ محمد مراد چانڊيو وائيٽ سيل گهٽجي  وڃڻ  سبب ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو . مراد چانڊيو جي  ميت کي اباڻي قبرسان پير تاج محمد ۾  سڏڪن لڙڪن پارٽي جي نعرن  سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو  محمد مراد چانڊيو وارھ جي سياست جو برجستو اڳواڻ رهيو، شهر جي مسئلي تي مختلف تنظيمن پاران ڪيترن ئي  جڙندڙ ڪاميٽين ۾ احتجاجن، ريلين ۽ بک هڙتالن ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو

مراد چانڊيو جي سياسي حوالي سان  ڳالهه ڪبي ته هو سياسي گهراڻي سان واسطو رکندڙ پڪو پختو سياسي اڳواڻ هيو، مراد چانڊيو 6  جون  1973ع ۾ وارھ ڀرسان  ڳوٺ نهال تنيو ۾  ايم آر ڊي جي اسير محمد صلاح چانڊيو جي گهر ۾ جنم ورتو   محمد صلاح چانڊيو ايم آر ڊي تحريڪ دوران اتر سنڌ ۾ سڀ کان اول ڦٽڪا کاڌا، سندس چاچو حريف خان چانڊيو جيڪو هن وقت عوامي جمهوري پارٽي جو اڳواڻ پڻ آھي جيڪو  زندگي جو ڳچ عرصو  عوامي تحريڪ ۾ رهيو، هو مير مرتضيٰ جي  وطن واپسي بعد پ پ شھيد ڀٽو ۾ شامل ٿيو جنھن جو مير جي تمام ويجهن ساٿين ۾ شمار آھي  مير جي شهادت بعد سياسي طور خاموشي اختيار ڪري ويهي رهيو  پوءِ   2010  ۾ عوامي جمهوري پارٽي جو بنياد وجهي سياسي سرگرمي شروع ڪئي  سياسي گهراڻي سان تعلق رکندڙ محمد  مراد چانڊيو  1985 ۾ سياست جي شروعات  سجاڳ ٻار تحريڪ کان ڪئي، سنڌي شاگرد تحريڪ جي سرگرم ڪارڪن تائين هن سياسي جدوجهد ڪئي. 1993 ۾  مير مرتضيٰ ڀٽو جي وطن واپسي بعد مير  جي  انقلابي جدوجهد کان متاثر ٿي 1994 ۾  شهيد ڀٽو ۾ شامل ٿيو  جنهن کان  پوءِ  2007  ۾ پ پ شھيد ڀٽو اڪثريت راءِ سان  سٽي جو صدر چونڊيو ويو جيڪو 2013 تائين صدر رهيو . جنهن کان پوءِ  2013 ۾ ئي تعلقه جو صدر چونڊيو ويو  2018  تائين صدر رهيو پارٽي ۾ اختلافن سبب ڪارڪن طور حياتي جي آخري هڏڪي تائين  ڪم  جاري  رکيو.

مراد چانڊيو شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس اولاد سان بي انتها پيار ڪندو هيو جڏھن ڪو به مخالف پارٽي تي يا ڀٽو فيملي تي تنقيد ڪندو هيو ته ان کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندو هيو پوءِ  سياسي اسٽيج هجي سوشل ميڊيا هجي يا نجي ڪچهري هجي هو ڪڏھن به  مير جي اولاد يا سندس جي گهر تنقيد  برداشت نه ڪندو هيو محمد مراد چانڊيو جو  ان قبيلي سان تعلق هيو جيڪو پنهنجي عورتن کي گهر کان ٻاهر ڪڍڻ عيب سمجهندو آھي اهڙي سخت مجاز رکندڙ قبيلي سان تعلق هجڻ ان علائقي ۾ رهي ڪري پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ اهم ڪردار ادا ڪيو سندس وڏي نياڻي انعم چانڊيو هن وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ انگلشن ڊپارٽمنٽ ۾ 3 سال پڙھي رهي آھي سندس پٽ سعيد مراد چانڊيو هن وقت پنجاب جي سي يو ڪاليج انٽر ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو آھي. سندس ٻئي نياڻي پارس  وارھ جي  گرلس هاءِ اسڪول ۾ نائين ڪلاس  ۽ آخري  نياڻي  ماهنور ست ڪلاس ۾ پڙهي رهي آھي . هڪ اها نياڻي به سندس کي جيڪا پنهنجي جي پيار کان محروم رهجي وئي مراد چانڊيو اولاد سان بي پناھ محبت ڪندو ڪڏھن ڪڏھن هيئن به ٿيندو هيو جو سعيد مراد ٻار هجڻ ناتي وڏا وڏا انگل ڪندو هيو اهي انگل پورا ڪرڻ مراد جي وس جا نه هوندا هيا پر ڪوشش ڪندو هيو ته سعيد جا انگل پورا ڪيا پوءِ  ڪيتري به ڇو نه تڪليف اچي . هو پريشان ٿيندو هيو  آءٌ چوندو هيومانس  ته يار هو ٻار آھي هن جي ڪا ڳالهه جيڪڏھن پوري نه ٿي سگهي ته خير آھي چوندو هيو اولاد سڀ ڪجهه آھي اسان مٿان فرض ٿو ٿئي ته هنن کي سڀ سهولتون سندن جي هر  خواهش  پوري ڪجي هو اهو محسوس نه ڪن ته بابا وٽ ڪجهه آھي يا ناهي . سو 6 مهينن جي نياڻي طيبه  پنهنجي دلبر بابا سان انگل نه ڪري سگهي

مراد چانڊيو پ پ ش ڀ جو اڳواڻ هجڻ سان گڏ وٽنري ليب اسسٽنٽ  3 گريڊ ۾ ملازمت ڪندڙ ملازم هيو جنهن جي پگهار تمام گهٽ هئي  سندس جو آخري ڀاءُ شاهمراد چانڊيو پرائمري جا پنج درجا پاس ڪري هاءِ اسڪول ۾ داخل ورتي تي هن جي پڙھائي جا خرچ به وڌڻ لڳا پوءِ  انٽر پوري ڪري سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙھڻ جي خواهش ڏيکاري  محمد مراد جي پگهار به گهٽ هئي ٻئي انڪم سورس به نه هيو سندس جو والد محمد صلاح سياسي ڪارڪن هجڻ سان گڏ محلي ۾ ڪريانه جو ننڍڙو دڪان هلائيندو هيو ان مان صرف گهر جو ڪجهه گذر سفر ٿيندو هيس انڪم گهٽ ھجڻ سبب ڀاءُ کي يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ رڪ جا چڻا چٻاڙڻ برابر هيا پر مراد جي اها سوچ هئي ته جيڪڏھن پنهنجي خاندان ڳوٺ علائقي جي بهتري ڪرڻي آھي اولاد ڀائرن کي تعليم ڏيارڻي پوندي انهن کي اهو محسوس ناهي ڪرائڻو ته اسين غريب آھيون اسان مڊل ڪلاس سان واسطو رکون ٿا اوهان کي وڏي تعليم يا سنڌ جي ڪنهن وڏي يونيورسٽي ۾ نٿا پڙهائي سگهون  وسائل گهٽ هجڻ باوجود پنهنجي ننڍي ڀاءُ شاهمراد چانڊيو کي چيائين ته ڪيترو به خرچ اچي آءُ تونکي يونيورسٽي داخلا وٺي ڏيندس پوءِ  ڪوشش ڪري شاهمراد کي دخلا وٺي ڏنائين ان کي وڏين تڪليفن سان تعليم ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو پنهنجي پگهار مان 70 سيڪڙو ڀاءُ کي  ماهوار ڏيندو هيو باقي بچيل پگهار مان دوستن گهر اولاد جو ڏکيو سکيو ڪم هلائيندو هيو  ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو وڏي ڀاءُ جي تڪليفن کي رائگان نه ڪرڻ ڏنو هن ڏينهن رات هڪ ڪري  محنت ڪئي هو  پنهنجي محنت ۾ ڪامياب ويو  ملائيشيا مان پي ايڇ ڊي ڪري هن وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر پڻ آھي

هونئن محمد مراد ۽  آءٌ هڪ ئي محلي جا آھيون  تمام ننڍڙو هيس محمد مراد پنهنجي والد جي ڪريانه دڪان تي ڪجهه ٽائيم ڏيندو هيو آءٌ شي وٺڻ ايندو هيس ته پيار ڏيندو هو،  2004 ۾  پ پ شھيد ڀٽو جي ميٽنگ هئي جنهن ۾ مونکي نياز حيدري وٺي ويو محمد مراد ان وقت سٽي جو سينيئر نائب صدر هيو صدر احسان عباسي هيو صدر جي غير موجودگي ۾ اجلاس جي صدارت محمد مراد ڪئي ميٽنگ ختم ٿيڻ بعد  جيئن ئي ٻاهر نڪتاسين ته چيائين ميٽنگ ۾ ڪير وٺي آيو هوئي مون سوچيو منهنجو  اچڻ محمدمراد کي سٺو نه لڳو آءٌ ٿورو گهٻرائجي ويس هو منهنجي چهري کي ڏسي سمجهي ويو چيائين ڇا ٿيو پريشان ٿي ويو آھين مون نه ها ڪئي نھ ڪئي . چيائين مونکي خوشي ٿي آھي ته منهنجي پاڙي جو  هڪ نوجوان مير جي پارٽي ۾ شامل ٿيو اڄ کان  پوءِ  مڪمل سرگرم ٿي وڃ ان ڏينهن کان پوءِ  هر روز رابطي ۾ رهندو هيو 2006 ۾  مون پنهنجو دڪان کوليو اتي هي روزانو جي بنياد تي ايندو هيو محمد مراد سان پوءِ  صرف تنظيمي واسطو نه پر دوستي ٿي وئي دوستي به اهو جيڪا دوستي روح جي رشتن ۾ جوڙي ويندي آھي 2012 ۾  چيائين تيار ٿي ڪوھ مري گهمڻ ھلنداسين 7 جولاءِ  تي  تيار ٿي محمد مراد ذوالفقار ڇٽو ۽ آءُ نڪري پياسين سکر کان ڪوچ وسيلي لاهور پهتاسين هوٽل ۾ روم بڪ ڪرايو چار ڏينهن لاهور رهي تقريبن سموريون پڪنڪ جون جگهيون  گهمياسين   جنهن کان پوءِ  مري وياسين چار ڏينهن اتي رهياسين جتان سڀاڻي واپسي هئي رات جو اچانڪ مال روڊ تي وارھ جا ديوان دوست مليا جن مراد کي چيو گهمڻ آيا آھيو ته ناران ڪاغان وڃو رات جو جئين روم تي مٽي آياسين تي چيائين سڀاڻي ناران ڪاغان هلڻو آھي مون ۽ ذوالفقار چيو اسان وٽ ايترا پيسا ناهن جو اوڏانهن هلئون چيائين پگهار اڪائونٽ ۾ پئي  آھي خرچ مان ڀريندس وارھ واپسي تي حساب ڪنداسين جيڪڏھن نه ٿين ته خير آھي ٿين ته ڏيجو دوستن سان ڪهڙا حساب آھن  سندس سان صفر ۾ ايترو مزو آيو جو جيڪو اڄ تائين نٿو وسري ڇو ته سندس هوئين لاڙڪاڻه حيدرآباد ڪراچي سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۾ هر مهيني ۾ هڪ ٻه دفعو نڪرڻ ضرور ٿيندو هيو

مونکي جيڪا به تڪليف  ٿيندي هئي ته  فوري طور کيس آگاهه ڪندو هيس ۽ مونکي يقين هوندو هيو ته منهنجي تڪليف دور ٿي ويندي پوءِ  ڪهڙي به ڇو نه هجي انسان جي زندگي ۾ ڏک سک ايندا آھن منهنجي روزگار ۾ ٿوري تنگي آئي چيائين روزگار گهٽ ٿي ويو اٿئي چيومائين خبر اٿئي  ته ايترا پيسا ناهن جو نئو دڪان کوليا ان ۾ ڊيڪوريشن ڪرايا چيائين پاڻ وٽ به ايترا پيسا ناهن پوءِ  سوچي سوچي چيائين منهنجي نالي تي لون کڻ دڪان ٺهرائي روزگار ڪري اولاد کي سٺي  تعليم ڏيار . اولاد پڙهي پيئي ته ڄڻ سڀ ڪجهه ٿي ويئي . مون کي سختي سان چوندو هيو ته اولاد کي تعليم ڏيار پنهنجا خرچ گهٽ ڪر دڪان کي ٽائيم ڏي  نياڻين کي  تعليم ڏيار جڏھن تنهنجون نياڻيون پٽ پڙھي ويندا ته تنهنجو مسقبل سڌري پوندو . صرف تنهنجو نه پر خاندان جو سڄي ذات جو مستقبل سنوارجي ويندو .

اربع ڏھاڙي صبح جو تقريبن 10 وڳي دڪان تي آيو  ڏندن جي مهارن مان رت سميل ڪري پئي مون چيو مراد ڇا ٿيو آھي ڏندن مان رت پيو اچي چيائين ٻن ڏينهن کان رت سمي پيو لاڙڪاڻه جي ڊاڪٽر لطف سان مشورو ڪيو آھي جنهن ٽيبليٽ لکي ڏنيون پر فائدو ناهي پيو پوءِ  مون چيو هل ته ڊاڪٽر عاشق ڀٽي ڏانهن ٿا هلئون چيائين هل ڊاڪٽر وٽ پهتاسين ڪجهه ٽيسٽون لکي ڏنائين ۽ ٽيبليٽ به ڏنائين جن عارضي طور فائدو ڏنو ٽيسٽون آيون  بحرحال جنهن کان پوءِ  وڌيڪ علاج لاءِ  ڪراچي نڪري وياسين جتي يارن جي يار پارٽي لاءِ  ڪل وقتي ڪارڪن شھرين جي هر ڏک سک ۾ ساٿ ڏيندڙ انسان ذات سان بي پناهه محبت ڪندڙ 2022-7-27 تي  اربع ڏهاڙي  3.30 وڳي فون آئي ته يار اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو  زمين پيرن هيٺان نڪري وئي . هن يار جو وڇوڙو صرف مون لاءِ  نه شھر لاءِ  پارٽي لاءِ   وڏو نقصان ٿيو آھي آءٌ ته ائين پيو چوان تي محمد مراد جي وڇڙي وڃڻ بعد وارھ مان پ پ شھيد ڀٽو ختم ٿي وئي  ختم ائين ٿي وئي آھي ته مراد جيان  ڪوبه دوست دوستن کي ائين گڏ نٿو ڪري سگهي  باقي اهڙا دوست هن وقت به  وارھ ۾  موجود آھن جن جو  دلين ۾ مير لاءِ  سمايل آھي رهندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.