آگسٽ ۾ ايندڙ  برسات لاءِ اڳواٽ قدم کنيا وڃن

موسميات کاتي ھڪ ڀيرو ٻيھر خبردار ڪيو آھي تھ آگسٽ ۾ برسات جا 4 نوان سسٽم سنڌ ۾ داخل ٿيندا ۽ تيز برساتون پونديون، اھو ھلندڙ برساتن جو چوٿون نئون سلسلو ھوندو، برسات جي پهرين لهر ايندي 6 آگسٽ تي ايندي،ٻيو وسڪارو 12 آگسٽ تي . ٽيون سلسلو 17 آگسٽ ۽ چوٿين لهر 25 ۽ 26 آگسٽ تي سنڌ ۾ داخل ٿيندي،ھڪڙي پاسي ھن وقت تائين جي ٿيل برساتن  سمورن شھرن توڻي ڳوٺن جي ڍانچن  کي سرڪار اڃان ڪنھن بھ ريت درست نھ ڪري سگھي آھي مٿان وري زوردار برسات جي اڳڪٿي واري خبر اچي پھتي آھي.

جيتوڻيڪ سموري ملڪ ۾ ھن سال برسات اڳي جي ڀيٽ ۾ گھڻي پئي آھي پر اھا ھرگز عوام جي لاءِ زحمت نھ بڻجي ھا جيڪڏھن سرڪار ۽ قدرتي آفتن کي منھن ڏيندڙ ادارا عوام کي برسات ۽ ان جي نتيجي ۾ ايندڙ ٻوڏ کان بچائڻ جي لاءِ ڪي عملي ۽ ٺوس قدم کڻن ھا.پر ھتي سمورو ڌيان ملڪ ۾ جاري سياسي ھلچل طرف ھئڻ ڪري غريب ۽ بي سھارا عوام جي اھنجن ۽ تڪليفن ڏانھن ڪنھن بھ غور نھ ڪيو جنھن ڪري ھن وقت تائين ڪيترو ئي نقصان ٿي چڪو آھي.سموري صوبي جي ٻھراڙي جو ماڻھو ھاڻوڪي برسات جي ڪري پريشاني ۾ مبتلا آھي،

جيئن قوم هڪ ڳري مون سون جي اسپيل جي نتيجي ۾ ريلي ٿي، ڪيترن ئي اهم علائقن کي اختيارين جي فوري ڌيان جي ضرورت آهي. مارون ٿيل رهاڪن کي بچائڻ کان علاوه، رياست کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي ته برسات کان پوءِ جي صورتحال ۾ مناسب صفائي جي ضرورت آهي، جڏهن ته تباهه ٿيل انفرااسٽرڪچر ۽ مواصلاتي رابطن کي هنگامي بنيادن تي ٻيهر تعمير ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ڪراچي جي ابتر صورتحال کي ڏسندي حقيقي خدشو آهي ته جيڪڏهن فوري قدم نه کنيا ويا ته برساتي پاڻي ۽ گٽرن جو گندو پاڻي صحت لاءِ وڏو خطرو پيدا ڪري ڇڏيندو. خاص طور تي، گندو پاڻي معدي جي بيمارين جي خطري کي وڌائيندو آهي، انهي سان گڏ ويڪٽر سان پيدا ٿيندڙ بيماريون. تنهن ڪري، ٻهراڙي ۽ شهري علائقن ۾ سخت برساتن کان متاثر ٿيل، برساتي پاڻي جي نيڪال ۽ گندي پاڻي جي تلاءُ کي صاف ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.

ملڪ ۾ ھنن برساتن گھڻو نقصان بلوچستان کي رسايو آھي،سوين ماڻھون فوت ٿي ويا آھن،ھڪ ھزار ننڍا وڏا ڊئم متاٿر ٿيا آھن،ھزارين گھر پٽ پئجي ويا آھن جنھن ڪري اتي امدادي ڪارروايون بھ گھڻيون ڏکيون ٿي پيون آھن، بلوچستان ۾ 3 اهم پلون ۽ نيشنل هاءِ وي جو هڪ حصو ٻڏي ويو آھي.

سنڌ جي بھ صورتحال ڪا ان لحاظ سان بھتر نھ آھي،انگن اکرن موجب رڳو سنڌ ۾ 388 ڪلوميٽر روڊن کي نقصان پهتو آهي. وزيراعظم برساتن سبب ٿيل نقصان جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ ڪميٽي  جوڙي ڇڏي آهي، اميد آهي ته اها باڊي مڪمل سروي ڪندي ۽ بنا دير مرمت ۽ بحالي جو ڪم شروع ڪندي.

اسان وٽ ڪافي وقت کان اھو محسوس ڪيو پئي ويو تھ شايد برساتون موڪلائي ويون آھن پر ھاڻي موسم جي ڦيري ڪري وڌيڪ گرمين کانپوءِ گھڻيون برساتون پوڻ شروع ٿيون آھن،جن عوام سان گڏ سرڪار توڙي سندس ادارن کي بھ مونجھاري ۾  وجھي ڇڏيو آھي.

اسان کي اھڙي انفرااسٽرڪچر تعمير ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪا انتهائي موسم کي منهن ڏيڻ جي بھ سگھھ رکي،ھڪڙو خيال ھي آھي ته انتهائي موسمي واقعا، خاص ڪري زوردار وسڪارا ۽ ٻوڏون، هاڻي هڪ خاص  خصوصيت وارو ميدا بڻجي ويو آهي.اھو سسٽم بيڪار ٿي ويندو جيڪو روائتي ھوندو،

سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن خاص ڪري ڪراچيءَ ،حيدرآباد،لاڙڪاڻي ۽سکر وغيرھ جھڙن شھرن ۾ ڪجھھ زوردار برسات سان روڊن رستن تي کڏا کٻڙ ٿي پوندا آھن جنھنڪري ٽريفڪ سسٽم سست ٿي ويندو آھي.ٽريفڪ جام ٿي ويندي آھي.

جنھن جو مطلب  ته انهن روڊن جي تعمير ۽ سار سنڀال ۾  يا ته لاپرواهي ڪئي وئي آهي يا مورڳو ئي تعميراتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪيو ويو آهي.

ھن وقت سنڌ جي زراعت کي برسات سبب وڏو نقصان ٿي ويو آھي،مٿان کان وري آگسٽ وارين برساتن جي اڳڪٿي سبب سڀني کان گھڻي پريشاني ٻھراڙيءَ جي ھارين،ننڍن آبادگارن کي ٿي پئي آھي.

سنڌ ۾ ھن وقت بھ برسات جي ڪري ٻڏي ويل علائقن مان پاڻي نھ نڪتو آھي،ڪاڇي.ڪوھستان ۽ سامونڊي پٽي جو ماڻھون وڌيڪ متاثر ٿيو آھي پر ان ڏس ۾ حڪومت طرفان ڪي بھ تڪڙا قدم نھ کنيا ويا آھن،جنھنڪري برسات جي ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻھو بي سھارا ٿي ويا آھن،ڪي ڌريون پنھنجي طور تي خدمت واري جذبي تحت متاثرن جي مدد ڪري رھيون آھن،پر اھو ڪم گڏيل مدد جو آھي ان بنا متاثرن جي جوڳي واھر ٿي نھ سگھندي.

جنھن طريقي جي مٿين علائقن ۾ ٻوڏ ٻڌائي پئي وڃي ان سان اھو امڪان آھي تھ سنڌو درياھھ ۾ پاڻي وڌي ۽ ان جي ڪري ٻوڏ واري امڪان کي بھ رد نھ ڪرڻ گھرجي،توقع ڪجي ٿي تھ سرڪار موجودھ حساس صورتحال جو ادارڪ رکندي ھوندي ۽ ان جي تدارڪ جي لاءِ مناسب اپاءُ وٺندي.

جيڪڏھن سنڌ ۾ ٻوڏ ٿئي ٿي تھ سنڌ سرڪار کي فوري طور تي سنڌ جي ملڪيت وارين سرڪاري جاين کي متاثر ٿيل ماڻھن جي لاءِ عارضي رھائش ڪري سگھي ٿي.

ھن ڀيري جي ٿيل برسات بعد ھاڻي بھ سرڪار اھو فيصلو ڪري تھ جتي جتي بھ برسات جي پاڻي جي نيڪال وارن ھنڌن تي يا برساتي نئين جي اندر يا ان جي مٿان جتي بھ ڪا رڪاوٽ آھي تھ ان کي ھٽائڻ جي لاءِ اثرائتا قدم کڻي جيئن وري برسات جي پاڻي جا اھي رستا بحال ٿي سگھن، اھڙي حالت ھڪ تھ ڪراچي ۾ آھي جڏھن تھ ٻئي پاسي سنڌو درياھ جي پيٽ ۾ بااثرن جي آباد ڪيل زمينن تي ڏنل حفاظتي بند پاڻي جي وھڻ ۾ وڏي رڪاوٽ آھن.

اميد ڪريون ٿا تھ حڪومت مٿي ذڪر ڪيل ڳالھين تي ڌيان ڏيندي ۽ ڪنھن امڪاني نقصان کان بچڻ جي لاءِ تڪڙا قدم کڻندي،ڇاڪاڻ جو ايندڙ برسات اڳوڻين کان وڌيڪ زوردار ھوندي جيڪا گھڻو متاثر ڪندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.