حڪومت عوام کي آفتن حوالي ڪري ڇڏيو

يوسف سيف

ڪائنات ۾ڌرتيءَ انسانن جي رھڻ جي واحد جڳھھ  آھي،جنھن کي حضرت انسان پنھنجي ئي ھٿن سان ھاڻي پنھنجي لاءِ رھڻ جھڙو نھ ڇڏيو آھي،ڪجھھ ڏھاڪن کان وڻ ٽڻ وڍي،جبل ٽڪي،سمنڊ ۽ فضا سان اھڙو ڪجھھ ڪيو ويو آھي،جو ھاڻي ھتي موسم جو توازن بگڙي ويو آھي،جنھن جا اثر تازو موتمار گرمين بعد اجھو گھڻي برسات جي صورت ۾ ظاھر ٿي رھيا آھن.ڪجھھ وقت کان ھلندڙ برساتن  ملڪ توڙي آسي واسي جي علائقن ۾ بوڏ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آھي.پاڪستان ۾ ھن وقت ھر علائقي ۾ برسات بعد ٻوڏ واري ڪيفيت آھي،پر وقت جي حڪومت ان طرف غور ڪرڻ يا ڌيان ڏيڻ جي لاءِ تيار نھ آھي،سڀني کان وڌيڪ خراب صورتحال بلوچستان ۾ آھي ان بعد ڪي پي ڪي ۾ پڻ برسات جون تباھيون شروع ٿي ويون آھن،پنجاب جي بھ ڪيترن ئي ھنڌن تي ٻوڏ اچي وئي آھي،سنڌ جو بھ لڳ ڀڳ اڌ حصو ٻوڏ ھيٺ آھي،ھڪڙي پاسي اھا حالت آھي.

ٻئي پاسي ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ سبب ميڊيا، عدليھ، پارليامينٽ ۽ قدرتي آفتن کي منھن ڏيڻ جي لاءِ قائم ڪيل ادارا ڪٿي لڪي انھي قدرتي آفت کان ڪن لاٽا ر ڪري ويھي رھيا آھن،جھڙوڪر ڪجھھ ٿيو ئي نھ ھجي.بلوچستان جو شايد ئي ڪو علائقو ھجي جتي تباھي نھ ٿي ھجي پر صوبائي سرڪار يا صوبي جي قدرتي آفتن کي منھن ڏيڻ واري اٿارٽي ماڻھن جي فوت ٿيڻ ۽ ٿيل نقصان بابت ابتا سبتااکر پيش ڪري رھيا آھن جڏھن تھ زميني حقيقت گھڻي دل ڏاريندڙ آھي،ڪي پي ڪي ۾ بھ ماڻھون مرن پيا،پنجاب جي بھ ڪيترن ئي ضلعن ۾ ٻھراڙي وارا ۽ درياھ جي ڀر وارا علائقا متاثر ٿيا آھن،سنڌ بھ برسات ۽ ان بعد ان جي اثرن کان بچي نھ سگھي آھي،ٻئي پاسي لاڳاپيل ادارا ھن نازڪ صورتحال کي سمجھڻ جي لاءِ تيار ئي نھ آھن،  موسميات کاتي پھرين اڳڪٿي ڪئي ھئي تھ گجگوڙ سان وڏي برسات پوندي ان ۾ واسطيدار کاتي انھن علائقن جي بھ نشاندھي ڪئي ھئي تھ ڪٿي ڪٿي برسات وسندي.جنھن بعد ذميواري محسوس ڪندي وفاقي ۽ سمورين صوبائي حڪومتن امڪاني برسات جي نقصان کان عام ماڻھون کي ڪو پلان يا پروگرام ترتيب ڏيڻ گھرجي ھا پر ھتي ڪو اھڙو رواج نھ آھي جنھنڪري اھڙي ڪنھن بھ آفت جي ڪري عام ماڻھون،جانوريا انھن جي ڪا ٻي ملڪيت کي ھر حڪومت قدرت جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏيندي آھي.

ڪراچي ۾ برسات سبب ٿيندڙ نقصان بابت دانھن جو آواز وڏو ان ڪري ٻڌڻ ۾ اچي ٿو جو اھو ميڊيا جو شھر آھي،ھڪ صوبي جي راڄڌاني پڻ آھي،صوبي سميت ملڪ جي وڏي اشرافيا ھتي رھي ٿي،اھو مثبت عمل آھي تھ ڪراچي جي ماڻھن جي سار لڌي وڃي پر صوبي جي ٻھراڙين ،ڳوٺن،آسپاس جي ٻين شھرن بابت بھ اھڙو ئي فڪر ڪيو وڃي اھو تھ ناھي تھ صوبي جا ٻيا ڪي بھ شھر ناھن يا صوبي جا ٻيا علائقا ئي ناھن،

سنڌ جي وڏي وزير ھن کان اڳ ۽ ھاڻوڪين برساتن ۾ رين ايمرجنسي جو اعلان ڪندي سمورن لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو ھو. هن برسات  دوران صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀرپور انتظام ڪرڻ جي بھ ھدايت ڪئي ھئي.پر ھن وقت تائين انھن ادارن مان ڪو بھ ڪاڇي،ٺٽي ۽ سجاول جي  سامونڊي پٽي يا بدين،توڙي ٻين انھن علائقن ۾ پھچي عوام کي ريسڪيو نھ ڪيو آھي، اسان وٽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ بابت  گهڻي آگاهي نه آهي بلڪه قدرتي آفتن جي سنڀال بابت ڪم ڪندڙ اختياري هڪ  اهڙو کاتو آهي جنهن کي لڪيل کاتو سمجهيو وڃي ٿو، جنهن مان ماضي ۾ قدرتي آفتن جي صورت ۾ ايندڙ عالمي امداد مان  هر دور جي وزيرن مشيرن،ڪامورن جي مهرباني سان  پنهنجو گهر پڻ ڀريو آهي، تنهنڪري ان جي سڌاري ۽ واڌاري بابت ڪو گهڻو ڪم نه ٿيو آهي جنھن سان قدرت پاران ايندڙ ڪنهن به آفت جي صورت ۾ ماڻھو پنهنجي لاءِ ڀرجهلو سمجهندو هجي. اڳي ته موسميات کاتو ايترو متحرڪ نه هوندو هو پر هاڻي جڏهن اڳواٽ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي ته ان سان اها توقع ڪئي پئي وئي تھ وسطيدار  کاتا به سرگرم ٿيندا. آفت  جي صورت ۾ پهريون ڪم پنهنجي علائقي جي ڍانچي جي پوري جاچ ڪرڻ ۽ ان کي وڌيڪ سگهاري ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي اهو ڪم اڳواٽ ڪرڻ جو هوندو  آهي، ان بعد امڪاني طور متاثر ٿيندڙ ن جي ريسڪيو جو ڪم هوندو آهي ان کانپوءِ وري متاثرن جي بحالي جو ڪم ھوندو آھي. اهي سمورا ڪم هتي نالي ماتر ٿين ٿا چوڻ جي لاءِ ڪو چئي سگھي ٿو تھ هر معاملي جيان هن شعبي سان پڻ سياسي مداخلت جو مسئلوآهي.

ٿيڻ ته ايئن گهرجي جو قدرتي آفتن کي بروقت ۽ جديد طريقي سان منهن ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل اختياري کي عوام ۾ اگاھي مھم ھلائڻ گھرجي ۽ عام ماڻھو کي اھڙي سکيا ڏيڻ گهرجي ته جيئن  ڪنهن امڪاني مسئلي کي بروقت سامهون ٿيڻ جي لاءِ ماڻھن ۾بهترين صلاحيت پيدا ٿئي ۽ ڪنهن به خطري جي صورت ۾ ماڻهو انهن معاملن کي مثبت طريقي سان حل ڪرڻ جي قابل ٿي وڃن، پر  لاڳاپيل کاتي شايد پاڻ تي اهڙي ڪنهن به ذميداري کي محسوس نه ڪيو آهي.

ڪراچي ۾هڪڙو آزار هي آهي ته برسات جي صورت ۾ اڳوڻي نئين ۽ نالن کي سوڙهو ڪري انهن نالن ۽ نئين جو پيٽ تنگ ڪيو ويو آهي، انھن نالن ۽ برساتي نئين جي اندر، والارگھر اڏي يا قبضا ڪري ڇڏيا. ڪراچي جي شھر جي قدرتي لنگھن مٿان رستا بھ ٺاھيا ويا آھن، اڳي اھي نئيون ۽ نالا برسات جو پاڻي کڻي ٻي نئين ۾ وجھنديون ھيون جيڪي واري اڳتي ٻين نئين ۾ ڇوڙ ڪنديون ھيون نيٺ اھو برساتي پاڻي وري  سمنڊ ۾ پوندو ھو.سنڌ جي ڪچي جي علائقن ۾ ايتري تائين جو  درياهه جي پيٽ ۾بھ بااثر ڌرين  قبضو ڪري اتي زمين آباد ڪئي آھي ۽ هر بااثر وري پنھنجين انھن  ٻنين کي ننڍا وڏا بند بھ ڏئي ڇڏيا آھن. نتيجي ۾ پاڻي جا لنگهه بند ٿي ويا آهن.جنهن ڪري به ڪچي توڙي پڪي جي ڪمزرو درياهي بندن وٽان خطرا ٿي سگهن ٿا.سنڌ جو ڪو بھ اھڙو شھر نھ آھي جنھن جي لاءِ اھو چئي سگھجي تي اتي ڪو مثالي سسٽم آھي جنھن سان برساتي پاڻي ٻھراڙي تھ ٺھيو پر شھرن مان سولائي سان نيڪال ٿي سگھي ٿو.  سنڌ جي جن علائقن ۾ برسات وٺي آھي اتي غريبن جا اجھا ڊھي پٽ ٿي ويا آھن.ووئڻن ۽ کجي جي فصل کي وڏو نقصان ٿيو آھي،زمينون پاڻي ھيٺ اچڻ سبب آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان ٿيو آھي.سارين جي پوکي واري ايريائن ۾ ماڻھن جي سارين جا ٻيجارا ۽ تياري ھيٺ زمين تي پاڻي بيھي رھيو آھي. اھو سلسلو لڳ ڀڳ سمورن ٻھراڙين وارن علا.ئقن ۾ آھي.

سنڌ جون ٻھراڙيون ھن دور ۾ بھ سرڪار جي نظر کان اوجھل رھنديون آھن، جتي وري برسات جي ٿيل نقصان جي دانھن تڪڙي تھ وس وارن تائين نھ پھچي سگھندي آھي پر اتي جي ڍانچي ۽ جوڙجڪ سان اھو اندازو ڪري سگھجي ٿو اتي ئي سڀني کان وڌيڪ نقصان ٿئي ٿو يا وري ان جو خطرو وڌيڪ ھوندو آھي.ھن وقت سمور ي ملڪ ۾ ٻوڏ واري حالت آھي ۽ اھو  سلسلو رڪيو ناھي اڃان اھو جاري آھي،سنڌ حڪومت وٽ ڪجھھ وقت آھي اھا ماڻھن کي بچائڻ جي لاءِ ڪا رٿابندي ڪري سگھي ٿي.باقي بلوچستان سمورو ٻڏي ويو آھي،وزيراعظم سياسي ڌماچوڪڙي مان واندو ٿي ھاڻي نڪتو آھي دوري تي توقع ڪجي ٿي تھ انساني حياتين کي بچائڻ جي لاءِ سرگرميون شروع ٿي وينديون ۽ غريب عوام جي آھھ ھنن کي ٻڌڻ  ۾ ايندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.