لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف شهرن۾ برسات بعد گيسٽرو پکڙجي وئي، ڪيترائي اسپتال ڀيڙا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف شهرن ۽ علائقن ۾ گيسٽرو جي وبا وڏي پيماني تي پکيڙجي وئي، سوين ماڻهو لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال سميت ضلعي جي مختلف اسپتالن ۾ علاج لاءِ پهتل. ان  سلسلي ۾ مليل مالومات موجب تازو مسلسل برسات پوڻ کان پوءِ ماڻهن خاص طور تي دست ۽ الٽين جي بيمارين منهن ڪڍيو آهي ۽ ضلعي جي مختلف هنڌن تي گيسٽرو وگهي سخت بيمار ٿي پيا آهن ۽ هڪ ڏينهن اندر 100 کان مٿي گيسٽرو جي مريضن چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ آندو ويو آهي، جتي ڊاڪٽر پاران مريضن تي هنگامي بنيادن تي طبي امداد فراهم ڪري کين گهرن ڏانهن روانو ڪيو پيو وڃي، جن ۾ شڪارپور واسي 40 سالن جي فهميده گوپانگ، لهر ڪالوني رهواسي 60 سالا پيرسن پٺاڻي خاتون، يارو ديرو واسي حنه ، 30 سالا مظفر کوکر سميت 100 کان وڌيڪ مرد، پيرسن عورتون ۽ ٻارڙا شامل آهن. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايم ايس لاڙڪاڻو ڊاڪٽر گلزار احمد تنيو ٻڌايو ته هن وقت گيسٽرو جا مريض تمام گهڻا اچي رهيا آهن، جن جو علاج ڪيو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته حادثن واري شعبي ۾ هيٽ اسٽروڪ جو وارڊ آهي، جتي هيٽ اسٽروڪ جا مريض نه آهن، جتي گيسٽرو جي مريضن کي رکيو پيو آهي ته جيئن انهن جو سٺي نموني سان علاج ٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.