ڪراچي (رپورٽر)مقامي عدالت عزيزڀٽي پارڪ جي حد ۾ هڪ شهري جي گهر۾ داخل ٿي تشد ڪرڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻو سب انسپيڪٽر منير چانڊئي تي فردجرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي .عدالت 16آگسٽ تائين ڪيس ملتوي ڪندي جاچ آفيسر ۽ شاهدن کي طلب ڪري ورتو آهي .عدالت ۾ ايڊووڪيٽ ڪامران بلوچ موقف اختيار ڪيو ته جوابدارمنيرچانديو پنهنجي ساٿين سان گڏ هٿيار سان گهر ۾ داخل ٿي هڪ شهري ته تشددڪيو آهي ۽ قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني، جوابدار ضمانت تي آهي.