ٻوڏ سبب لکين ماڻهو متاثر آهن، حڪمران لاتعلق بڻيل آهن: سراج الحق

لاهور/ڪراچي(پ ر)امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته عدالتن ۾ طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ الڳ الڳ قانون آهي. اربين روپين جي چوري ڪندڙن کان ڪير به پڇاڻو نٿو ڪري غريبن کي ٿوري غلطي تي پڪڙيو وڃي ٿو،ملڪ ۾ احتساب نالي ڪا شيءِ ناهي رهي آهي. ٽن وڏين پارٽين گڏجي نيب کي ختم ڪري ڇڏيو. بهتري آئي ايم ايف جي قرضن سان نه پر گڊ گورننس سان ايندي،اهڙن خيالن جو اظهار هن خيرپور سنڌ ۾ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو.ان کان اڳ هن سيٺارجا خيرپور ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير ممتاز حسين سهتو جي والد ۽ جماعت اسلامي جي ڊگھي عرصي کان ميمبر لعل محمد سهتو جي جنازي نماز ادا ڪئي.جنازي نماز ۾ نائب امير جماعت اسلامي اسد الله ڀٽو، نائب امير سنڌ پروفيسر نظام الدين ميمڻ، حافظ نصرالله چنا، جنرل سيڪريٽري سنڌ ڪاشف سعيد شيخ، نائب قيم عبدالحفيظ بجاراڻي، مولانا حزب الله جکرو ۽ ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي هن چيو ته برساتن سنڌ ۽ بلوچستان کي ٻوڙي ڇڏيو، پر حڪمرانن جي ڪنن تي جونءَ به نٿي رڙهي. ملڪ ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر ايمرجنسي سسٽم جو نه هجڻ موجوده ۽ گذريل حڪومتن جي خراب حڪمرانيءَ جو نشاني آهي. بلوچستان ، ڪراچي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن  ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن انفراسٽرڪچر ۽ بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.