پي ٽي آءِ جو واثق قيوم بنا مقابلي ڊپٽي اسپيڪر پنجاب چونڊجي ويو

لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ جو واثق قيوم بنا مقابلي پنجاب اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو، ن ليگ علي حيدر گيلاني جو فارم ورتو، پر شام تائين جمع ڪرائڻ نه آيا، جنهن بعد اسيمبلي سيڪريٽريٽ واثق قيوم جي ڪاميابي جو اعلان ڪري ڇڏيو، واضح رهي ته گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف جو سبطين خان 185 ووٽ کڻي پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊيو هو، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ ن ليگ اميدوار سيف الملوڪ کوکر 175 ووٽ کنيا هئا. گذريل ڏينهن ئي پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري خلاف بي اعتمادي رٿ جو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.