ڪراچي ۾ڌرتي ڌڻين سان ويڌن، غازي ڳوٺ ۾ نياڻين تي پوليس فائرنگ ۽ شيلنگ، 25 زخمي

ملير/ گلشن اقبال (رپورٽ: جميل چانڊيو + شفقت نوناري) ڪراچي جي سنڌي وسندي عبدالله شاهه غازي ڳوٺ تي اينٽي انڪروچمنٽ پوليس جي هڪ هفتي اندر ٽيون ڀيرو ڪهري ڪارروائي، پوليس پاران بڪتر بند گاڏين ۾ شيلنگ، فائرنگ، ڳوٺاڻا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، عورتون قرآن پاڪ مٿي تي رکي روڊن تي نڪري آيون، شديد شيلنگ ۾ 15 عورتن سميت 25 ڳوٺاڻا زخمي، ڪيتريون ئي عورتون ۽ ٻارڙا بيهوش، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، پوليس پاران ڳوٺ ڪهري ڪارروائي تي عورتن جو ماتم، ايس يو پي، ايس ٽي پي، قومي عوامي تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ، ڳوٺ بچايو ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن پاران ڪارروائي  خلاف احتجاج، خبر موجب ڪراچي جي وڏي سنڌي وسندي عبدالله شاهه غازي ڳوٺ تي اينٽي انڪروچمنٽ پوليس جي هڪ هفتي اندر ٽيون ڀيرو ڪهري ڪارروائي ڪئي، انڪروچمنٽ پوليس سان گڏ آپريشن پوليس ڳوٺ کي ڊاهڻ لاءِ ڪارروائي ۾ حصو ورتو، جڏهن ته پوليس پاران بڪتر بند گاڏين ذريعي شيلنگ ڪري ڳوٺاڻن مٿان فائرنگ ڪئي، ڪارروائي  خلاف ڳوٺاڻا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، جڏهن ته عورتون ۽ ٻارڙا پڻ قرآن پاڪ مٿي تي رکي روڊن تي اچي ويا، پوليس ۽ ڳوٺاڻن ۾ چڪريون، پوليس پاران ڳوٺاڻن تي ڪيل شديد شيلنگ ۾ 15 عورتن اقرا، امير زادي، سسئي، صابرا، مهوش، شيري، ليلا، شهلا، شمائلا، صائمه، صوبيه، حميده، ثنا، زاهده، شاهي، حفيظ الله، علي رضا، ظهير، منور علي، مظفر علي، حاڪم علي، سهيل، فراز، مير، شهنشاهه، زخمي ٿي پيا جن ۾ ۽ ڪيتريون ئي عورتون ۽ ٻارڙا بيهوش ٿي ويا، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، پوليس جي ڳوٺ مٿان ڪهري ڪارروائي  تي عورتن ماتم ڪيو، اينٽي انڪروچمنٽ جي ڪارروائي ۾ زخمي ٿيل عورتن ۽ ڳوٺاڻن کي ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال ۽ عباسي شهيد اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو. ٻي پاسي اطلاع تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻن اعجاز سامٽيو، عنايت کٽياڻ، عبدالرزاق شر، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مبارڪ ڀٽي، علي بخش لاشاري، قومي عوامي تحريڪ جي مظهر راهوجو، سنڌياڻي تحريڪ جي افروز ڪٽپر، ڳوٺ بچايو ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن غلام مطفيٰ چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ سنڌي وسندي عبدالله شاهه غازي ڳوٺ مٿان پوليس جي ڪارروائي  خلاف سخت احتجاج ڪري ٽائرن کي باهيون پڻ ڏنيون، احتجاج ڪندڙن اينٽي انڪروچمنٽ پوليس ۽ بلڊر مافيا خلاف سخت نعريبازي ڪئي، انهيءِ موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته عبدالله شاهه غازي ڳوٺ ڪراچي جي نج سنڌي ۽ وڏي آبادي آهي، عبدالله شاهه غازي ڳوٺ ۾ لڳ ڀڳ 10 هزار کان وڌيڪ سنڌين جا گهر آهن، 30 سال گذرڻ باوجود بااثر بلڊر مافيا خالد يوسفي حڪومتي آشيرواد سان غازي ڳوٺ جي فرنٽ جي 4 ايڪڙ زمين تي زبردستي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن خلاف ڳوٺاڻا سراپا احتجاج بڻيل آهن، اڳواڻن چيو ته ڳوٺ تي ٿيل ڪهري ڪارروائي ن جي سخت مذمت ڪيون ٿا، اڳواڻن چيو ته اڄوڪي ڪهري ڪارروائي  ۾ 15 عورتن سميت 25 ڳوٺاڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن جڏهن ته چئن ڳوٺاڻن کي پوليس کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي جيڪي ڪنهن به ٿاڻي تي موجود نه آهن، هڪ طرف سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ بنگالي، بيهاري، افغاني آبادين کي تحفظ ڏيندي پڪو ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف ڌرتي ڌڻين سنڌين جي آبادين خلاف ڪهريون ڪارروائي ون ڪري سندن اجها ڊاٿا ويا آهن، اڳواڻن چيو ته ڪراچي ۾ اسان سان فلسطين وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي جيڪو ڪنهن به صورت برداشت نه ڪيو ويندو، سنڌ جا حلالي پٽ قومي ڪارڪن ڪراچي ۾ سنڌي وسندين جي حفاظت لاءِ ميدان عمل ۾ هوندا،

نياڻين تي حملو انتهائي شرمناڪ عمل آهي: ڊاڪٽر قادر مگسي

ملير: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته عبدالله شاهه غازي ڳوٺ جي نياڻين تي پوليس جي تشدد فائرنگ ۽ شيلنگ وارو عمل انتهائي افسوسناڪ ۽ شرمناڪ آهي، پ پ حڪومت بلڊر مافيا سان گڏجي سنڌي وسندين کي وڪرو ڪري رهي آهي ۽ ڳوٺن کي خالي ڪرائڻ لاءِ گهرن کي ڊاهڻ ۽ تشدد سان ڳوٺاڻن کي هيسايو پيو وڃي، عبدالله شاهه غازي ڳوٺ جي نياڻين ۽ ڳوٺاڻن مٿان پ پ حڪومت جي حڪم تي پوليس جيڪا روزانو دهشت برپا ڪري رهي آهي اهو هاڻي ناقابل برداشت آهي، سنڌ حڪومت ۽ انتظاميا جيڪڏهن اهو سلسلو بند نه ڪيو ته سڄي سنڌ اندر سخت احتجاج ڪيو ويندو، ايس ٽي پي غازي ڳوٺ جي ڊاهڻ ۽ تشدد خلاف احتجاج جي سڏ جي ڀرپور حمايت ڪري ٿي ۽ ڪارڪنن کي ڀرپور شرڪت جي هدايت ڪجي ٿي، ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته غازي ڳوٺ کي ڌرتي ڌڻين جي لاءِ فلسطين بڻايو ويو آهي سنڌ حڪومت اقتدار جي نشي ۾ انڌي ٿي چڪي آهي کيس هوش سنڀالڻ گهرجي، هڪ پاسي اصل ڌرتي ڌڻين جي ڌرتي تنگ ڪئي پئي وڃي ته ٻئي پاسي پ پ ڌاري آبادڪاري جي لاءِ سهولتون پيدا ڪرڻ جي قانون سازي ڪري رهي آهي سنڌ جا ماڻهو هاڻي سجاڳ ٿي پنهنجي وطن ننگن ۽ دنگن جي حفاظت لاءِ متحد ٿي ڪرپٽ حڪمرانن خلاف سگهارو آواز اٿارين.

صنعان خان قريشي پاران پوليس خلاف مظاهرن جو اعلان

ملير: جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي عبدالله شاهه غازي ڳوٺ تي پوليس جي ڪهري ڪاروائي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڌارين کي تحفظ ڏئي رهي آهي ۽ سندن آبادين کي ليز ڪرڻ لاءِ اسيمبلي مان بل پاس پئي ڪرائي ته ٻئي طرف سنڌ جي اصل وارثن جي گهرن کي ڊاهي کين بي گهر ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي نياڻين مٿان فائرنگ ۽ شيلنگ ڪري رهي آهي، اسين اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، اسان سمجهون ٿا ته ان عمل ۾ سڌو سنئون زرداري سرڪار ملوث آهي، هن چيو ته جسقم پاران سومر ڏينهن سڄي سنڌ ۾ عبدالله شاهه غازي ڳوٺ تي چڙهائي، گهر ڊاهڻ ۽ سنڌ جي نياڻين مٿان فائرنگ ۽ شيلنگ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

غازي ڳوٺ ۾ پوليس غنڊاگردي ڪئي، ڪراچي ۾ سنڌين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: جلال محمود شاهه

ڄامشورو( ڊ ر ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي چيئرمين ۽ ڪنوينر سنڌ ايڪشن ڪميٽي سيد جلال محمود شاهه پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ڪراچي ۾ غازي ڳوٺ کي ڊاهي سنڌي نياڻين جي پوليس وسيلي تذليل ڪري سندن مٿان شيل هلائي، سنڌين جي آبادي کي بي گهر ڪرڻ جي سخت لفظن  ۾ مذمت ڪجي ٿي،هن وڌيڪ چيو ته حڪمران انڌا، ٻوڙا ۽ گونگا بڻجي ويا آهن، جن پئسي جي لالچ ۽ اقتدار جي نشي ۾ اچي سنڌ جي نياڻين جا روا لاهي سندن مٿان شيلنگ ۽ فائرنگ ڪئي وئي آهي، جنهن سبب 20 کان مٿي سنڌي نياڻيون، ٻارڙا۽ بزرگ شديد زخمي ٿيا آهن،ڪراچي ۾ سنڌين جا ڳوٺ مسمار ڪري، غير قانوني پرڏيهين ۽ ٻين صوبن کان آيل ماڻهن کي تحفظ ڏيئي، انهن جي ڪالونين کي ريگيولرائيز ڪيو پيو وڃي،هن وڌيڪ چيو ته غازي ڳوٺ سميت ڪراچي ۾ رهندڙ تمام ڪچين آبادين ۾ سنڌ جي تاريخي ڳوٺن کي بنيادي سهولتن کان محروم ڪيو ويو آهي ۽ ھاڻي انهن ڳوٺن کي پيپلزپارٽي جي بلڊر مافيا ذريعي وڪرو ڪري انهن جي زمينن تي غير قانوني پرڏيهين ۽ ٻين صوبن کان آيل ماڻهن کي ڪالونائيز ڪيو پيو وڃي،هن وڌيڪ چيو ته ان سڄي واردات ۾ اهي قوتون ملوث آهن جن بحريا ٽائون ۽ ٻين ميگا پراجيڪٽ وسيلي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري ڌارين حوالي ڪيون آهن،انهن کي سنڌ حڪومت جي سرپرستي حاصل پڻ آهي ۽ انهن سڀني جو فرنٽ مين آصف علي زرداري آهي،هن وڌيڪ چيو سنڌ جي عوام کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته سنڌين جي ووٽ تي چونڊيل سنڌ دشمن حڪمران جيڪي سنڌ جي عوام سان ظلم ۽ ناانصافي ڪري سنڌ جون زمينن تي قبضا ڪري پئسا حاصل ڪري سنڌ جي ماڻهن کان ووٽ خريد ڪن  انهن سان گڏ بيهڻو آهي يا سنڌ دوست قيادت سان گڏجي سنڌ جي حق حڪمراني ۽ پنهنجي قومي مفادن جو تحفظ ڪرڻو آهي۔ ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو سندن تحفظ ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي،سيد جلال محمود شاهه چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هائيڪورٽ جي چيف جسٽس کي هن واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي۔

پ پ ڪراچي ۾ سنڌين مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرائي پئي: ثمر حيدر جتوئي

حيدرآباد(پ ر) سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي ۽ ٻين ڪراچي ۾ غازي ڳوٺ تي پوليس چڙهائي ۽ قديمي ڳوٺ کي ڍاهڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي دل ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌي عوام مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرائي رهي آهي،هنن چيو ته ڪراچي جي غازي ڳوٺ جي هزارين آبادي کي لڏائڻ لاءِ مافيا سان گڏجي پوليس ڪلور ڪيا آهن. ڪالهه به پوليس اٽالن عورتن ۽ ٻارن تي شيلنگ ڪري تشدد ڪري مرڻينگ ڪيو آهي. هنن چيو ته سنڌ پوليس ۽ پيپلز پارٽي جو ڪردار وحشتناڪ ٿي ويو آهي. عوام کي بک ۽ بيروزگاري جي باهه ۾ اڇلائڻ کانپوءِ اجهو کسيو پيو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ ماضي به بلڊر لينڊ گريبر مافيا جي پوليس ونگار وهندي سنڌي ماڻهن تي تشدد ڪندي رهي آهي. هن وقت به ساڳيو ظم ڪراچي جي قديمي وسندي غازي ڳوٺ سان ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته غازي ڳوٺ کي ڊاهڻ جو سلسلو بند ڪري پوليس عملدارن تي ڪيس داخل ڪيو وڃي. غازي ڳوٺ سميت قديمي سنڌي ڳوٺن کي بچائڻ ۾ سنڌ هاري ڪميٽي ڀرپور ڪردار ادا ڪندي.

سنڌ پوليس بلڊر مافيا  جي ڪمداري ۾ ايترو اڳتي نه وڌي: محمد حسين محنتي

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي سنڌ پوليس پاران غازي ڳوٺ تي چڙهائي، عورتن، ٻارن ۽ بزرگن مٿان بدترين تشدد، ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال، لٺ بازي توڙي گرفتارين جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت هوش کان ڪم وٺي، سنڌ پوليس بلڊرز مافيا ۽ سرپرستن جي ڪمداري ۾ ايترو اڳتي نه وڃي جو سُڀاڻي کين پڇتائڻو پوي، غازي ڳوٺ ۾ برپا وحشت ۽ بربريت کي ڏسي ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ سنڌ لاءِ سال جو ھر ڏينھن ڪربلا محرم الحرام جو آھي. ڪراچي سنڌي وسندي غازي ڳوٺ ۾ قيامت جا منظر آهن جماعت اسلامي ان ظلم خلاف غازي ڳوٺ جي رهواسين سان گڏ بيٺل ۽ هر فورم تي سندس ساٿ ڏينداسين. هن اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته جڏهن ٻين قومن کي ڪراچي ۾ تحفظ ۽ مالڪاڻا حقوق ڏنا پيا وڃن ته اصل  ڌرتي ڌڻين تي گوليون ۽ گھر مسمار ڪرڻ واري غير اخلاقي عمل سنڌ حڪومت جو بلاجواز ڪاروائي آهي جنهن جي مذمت ڪريون ٿا. غازي ڳوٺ ۾ معصوم عورتن، ٻارن ۽ بزرگن مٿان تشدد پيپلزپارٽي جي سنڌ دوستي جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي، پيپلزپارٽي سنڌ ۾ 14 سالن کان لڳاتار حڪومت ڪرڻ باوجود ڪجهه به ڊليور نه ڪري سهگي آهي الٽو اڄ سنڌي وسندين کي ڊاهي هڪ مخصوص بلڊر مافيا لاءِ زمين هموار ڪئي پئي وڃي، بحريه ٽائون اڌ سنڌ تي قبضو ڪري ڪالونيون جوڙي رهي آهي جنهن کي پيپلزپارٽي جي قيادت جي مڪمل آشيرواد حاصل آهي، پر سنڌي ڳوٺ سندن اکين ۾ ڪنڊو بڻجي چبي رهيا آهن

نثار کهڙي عورتن ۽ ٻارن تي پوليس تشدد جو نوٽيس ورتو

ڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي ڪراچي جي غازي ڳوٺ ۾ عورتن ۽ ٻارن تي ٿيل پوليس تشدد جو نوٽيس ورتو آھي ۽ عورتن تي ٿيل تشدد جي مذمت ڪئي آھي، ان سلسلي ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ نثار احمد کهڙي وڌيڪ چيو آھي ته پاڪستان پيپلزپارٽي ڪراچي جي سنڌي وسندين جي هميشه مالڪي ڪئي آھي ۽ سنڌ حڪومت ڪيترن ئي ڳوٺن کي پڪو ڪري رهواسين کي مالڪاڻا حق به ڏنا آھن, هن چيو ته غازي ڳوٺ جو معاملو عدالت ۾ هو ۽ عدالت طرفان درخواست گذار جي حق ۾ فيصلو ڏنو ويو آھي، ان هوندي به ڪنهن به قسم جي پوليس تشدد جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.

اطلاع ملندي قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جو قافلو پهچي ويو

ملير:  غازي ڳوٺ واقعي جو اطلاع ملندي قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن افروز ڪٽپر ۽ شھربانو راھوجو جي اڳواڻي ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جا ڪارڪن وڏي تعداد ۾   متاثر غازي ڳوٺ جي احتجاجي ڪيمپ تي پھچي ويا. ان موقعي تي ڳوٺ جي متاثرين ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي مظھر راھوجي چيو تہ پ پ حڪومت 40 لک غير ملڪين کي شناختي ڪارڊ ڏياريا آھن افغانين، بنگالين، بھارين کي ڪالونيون ٺاھي آباد ڪيو آھي پر ڌرتي ڌڻي سنڌين کي ڪراچي مان تڙي ڪڍڻ لاءِ ڪڏھن بلڊر مافيا ته ڪڏھن پوليس کي بي لغام ڇڏيو وڃي ٿو. غازي ڳوٺ جا رھواسي ھندستان، افغانستان، بنگلاديش کان ناھن اھا، اھي سنڌ ڄاوا آھن، ھن ڌرتي جا وارث آھن، سنڌي ماڻھن کي ڪراچي مان ڪڍڻ جي سازش ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. قومي عوامي تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته غازي ڳوٺ تي چڙھائي ۾ ملوث پوليس ۽ ٻين ماڻھن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ متاثر ڳوٺاڻن کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

ايس يو پي پاران اڄ زين شاهه جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍڻ جو اعلان

ڪراچي(رپورٽر) عبدالله شاهه غازي ڳوٺ سميت سنڌي وسندين تي ڪاهه ۽ ڳوٺن کي مسمار ڪرڻ خلاف (اڄ) آچر ڏينهن منجهند 2 وڳي ايس يو پي ڪراچي ڊويزن پاران هڪ احتجاجي ريلي ۽ مظاهرو ڪيو پيو وڃي جنهن جي قيادت سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو مرڪزي صدر سيد زين شاھ ڪندو. هن احتجاج کي مختلف پارٽين جا اڳواڻ خطاب ڪندا. جلباڻي چوڪ ماروئڙا ڳوٺ کان غازي ڳوٺ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي

شھدادپور واسين پاران سنڌي وسنديون ريگيولر ڪرڻ ۽ غازي ڳوٺ واقعي جو پاڻمرادو  نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

شھدادپور (ن ع آ) شھدادپور شھر جي سياسي سماجي ڌرين, قومپرستن, وڪيلن, ساڃاھ وند ڌرين, سول سوسائٽي سميت ھر مڪتب فڪر جي ماڻهن پاران عبدا الله شاھ غازي ڳوٺ تي پوليس ڪاهه جي مذمت ڪندي سنڌي وسنديون ريگيولر ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان قومي عوامي تحريڪ ضلع سانگھڙ جي صدر ڊاڪٽر آتم ڀيل, ايڊووڪيٽ امداد چنا, حضور بخش ڏاھري, ايس ٽي پي اڳواڻ رفيق جلالاڻي, عوامي تحريڪ اڳواڻ ڪامريڊ رفيق جکرو, وڪيل اڳواڻن ايڊووڪيٽ آصف انڙ, ايڊووڪيٽ غلام مصطفى باگراڻي, ايڊووڪيٽ ڪليم, ايڊووڪيٽ تاج محمد باگراڻي,.سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ صدام کوسو, ۽ ٻين چيو آھي ته ڪراچي سنڌ جي شھ رڳ آهي سنڌين سان فلسطينن وانگر سنڌ حڪومت جو ظلم برداشت نه ڪيو ويندو، ھاڻي اھو سلسلو بند ڪيو وڃي سنڌ جي اصلي وارثن کي ڪراچي ۾ نيڪالي ڏيڻ وارو ڊرامو بند ڪن، ھنن سپريم ڪورٽ, سنڌ ھاء ڪورٽ سميت وس وارين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي عبد الله شاھ غازي ڳوٺ جي پرامن ڌرتي ڌڻين تي ڪراچي پوليس حملي جو سوموٽو نوٽيس وٺي ملوث پوليس اھلڪارن خلاف ڪاروائي ڪري سنڌين وسندين کي پڪو ڪري سنڌين کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

جسقپ پاران غازي ڳوٺ ۾ پوليس جي دهشتگردي جي مذمت، احتجاج جو اعلان

ڪراچي(پ ر) غازي ڳوٺ تي هڪ ڀيرو ٻيهر  پوليس ۽ بلڊر مافيا جي حملي ۽ اڳواڻن تي داخل ڪيس تي جسقپ اڳواڻن سوڀ قمرڀٽي، دودوديشي پاران سخت ردعمل جو اظهار، سوڀ قمر ڀٽي ايڊوڪيٽ،ڪامريڊ دودوديشي،سبحان جتوئي، سيف الله سرگاڻي، ظفرمگسي،شيبرجمالي، عاشق گبول هڪ گڏيل بيان ۾ چيو ته ڪراچي جي غازي ڳوٺ جي نياڻين تي پوليس جي تشدد، فائرنگ ۽ شيلنگ وارو عمل انتهائي افسوسناڪ ۽ شرمناڪ عمل آهي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ، محبوب عباسي، ٻين خلاف داخل ڪوڙن ڪيسن جي مذمت  ڪريون ٿا، پ پ حڪومت بلڊر مافيا سان گڏجي سنڌي وسندين کي وڪرو ڪري رهي آهي. ۽ ڳوٺن کي خالي ڪرائڻ جي لاءِ گهرن کي ڊاهڻ ۽ تشدد سان ڳوٺاڻن کي هيسايو پيو وڃي.غازي ڳوٺ جي نياڻين ۽ ڳوٺاڻن مٿان پ پ پ حڪومت حڪم تي پوليس جيڪا روزانو وحشت برپا ڪري رهي آهي اهو هاڻي ناقابل برداشت آهي.سنڌ حڪومت ۽ انتظاميا جيڪڏهن اهو سلسلو بند نه ڪيو ته سڄي سنڌ جي اندر سخت احتجاج ڪيو ويندو.

نياز ڪالاڻي، محبوب عباسي سميت 22 ڄڻن تي ڪيس داخل

گلشن اقبال: سچل ٿاڻو پوليس اِي بلاڪ جي متاثرن ڳوٺاڻن تي احتجاج ڪرڻ جي ڏوهه گهيراءُ، پٿراءُ، قبضي سميت ٻين قلمن تحت  ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، محبوب عباسي، اعجاز سامٽيو ، مصطفيٰ چانڊيو، صحافي مرتضي ڪيريو سميت 22 ڄڻن تي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي.

ڌرتي ڌڻين سان ويڙهه شرمناڪ عمل آهي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ٻيھر ڪراچي جي سنڌي غازي ڳوٺ تي پوليس ۽ بلڊر مافيا جي غنڊن پاران ڳوٺاڻن جي مٿان فائرنگ ۽ ڳوڙھا گئس جا شيل ھڻي عورتن، مردن کي سخت زخميڪرڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي تہ ڪراچي جي سنڌي وسندي غازي ڳوٺ تي ونگارو پوليس پاران چڙهائي ڪري نياڻين تي شيلنگ ڪرڻ کي ڪنهن به ريت قبول نٿو ڪري سگهجي، اياز لطيف پليجي چيو ته اها بربريت آهي، ڌرتي ڌڻين سان هي ويڙهه شرمناڪ عمل آهي، غازي ڳوٺ جي رهواسين کي ھتان لڏڻ نه ڏينداسين. سنڌي آباديون ھنن حڪمرانن لاءِ اک جو ڪنڊو بڻيل آهن، بلڊر مافيا جي ونگار وهڻ بند ڪريو. اهو نه وساريو ته ڪراچي سنڌين جي دل آهي ۽ دل رهندي. اياز لطيف پليجي چيو ته ڳوٺاڻن مٿان حملي ۾ ملوث پوليس عملدارن کي برطرف ۽ بلڊر مافيا کي گرفتار ڪيو وڃي ڪراچي ۾ پ پ پ حڪومت افغاني، بنگالي، بھاري ۽ ٻيا پرڏيھي آباد ڪري رھي آھي ۽ ڌرتي ڌڻين کي لڏائي رھي آھي،

سنڌي وسندي کي ڊاهڻ خلاف مزاحمت ڪنداسين: حليم عادل

ملير: عبدالله شاهه غازي ڳوٺ تي اينٽي انڪروچمنٽ پوليس جي ڪاروائي بعد سنڌ اسيمبلي جي گڏيل مخالف ڌر جو اڳواڻ حليم عادل شيخ ڳوٺاڻن جي احتجاجي ڪئمپ تي پهچي ڳوٺاڻن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ تفصيل معلوم ڪيا، ان موقعي تي حليم عادل شيخ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت ۽ اينٽي انڪروچمنٽ پوليس عبدالله شاهه غازي ڳوٺ ۾ اڄ وڏو ظلم ڪيو آهي، نياڻيون قرآن پاڪ کڻي پنهنجي گهر جي حفاظت لاءِ احتجاج ڪندي ٻاهر آيون جن مٿان شيل هلايا ويا جنهن جي سخت مذمت ڪيون ٿا، سنڌ پوليس پنهنجو ڪم سرانجام ڏيڻ بجاءِ زرداري جي ڪمدار بڻيل آهي، ايس ايس پي اوڀر رحيم شيرازي ماڊل ٽائون لاهور واقعي ۾ به ماڻهن تي سڌيون گوليون هلايون ڳوٺاڻن سان گڏ آهيون، سنڌ وسندي کي ڊاهڻ خلاف مزاحمت ڪنداسين، هن چيو ته اڄ ائين لڳي رهيو آهي ته سنڌ نه پر فلسطين جي ڪنهن آبادي ۾ موجود آهيون هڪ طرف برسات جو سسٽم آهي ته ٻي طرف زرداري جو سسٽم سنڌ ۾ ظلم ڪري رهيو آهي، برسات سبب ڪراچي، حيدرآباد، ڪوٽڙي مڪمل طور ٻڏي چڪا آهن سنڌ حڪومت رڳو فوٽو سيشن ڪري ٽوپي ڊرامو ڪري رهي آهي، سنڌ حڪومت برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ بجاءِ غريب ڳوٺاڻن جا گهر ڊاهڻ ۾ لڳي پئي آهي جنهن جي سخت مذمت ڪيون ٿا، عبدالله شاهه غازي ڳوٺ تي لڳل احتجاجي ڪئمپ تي ايس يو پي اڳواڻ محبوب عباسي، سنڌي عوامي سٿ جو اڳواڻ مهر ڊٻائي، رياض کيمٽيو، مشتاق سرڪي ۽ ٻين ڪئمپ تي پهچي ڳوٺاڻن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.

ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي  غازي ڳوٺ ۾ عورتن تي تشدد جو نوٽيس ورتو

ڪراچي(رپورٽر) ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي سچل جي علائقي غازي ڳوٺ ۾ عورتن تي تشدد واري معاملي جو نوٽيس وٺندي واقعي جي جانچ لاءِ ڊي آءِ جي ايسٽ کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. جاري ڪيل پڌرائي مطابق جاچ آفيسر عورتن تي تشدد واري واقعي جي ذميوارن جو تعين  ڪري رپورٽ پيش ڪندو. جاچ آفيسر جي پيش ڪيل رپورٽ جي روشني ۾ ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت ناهي. عوام جو تحفظ ڪراچي پوليس جي ترجيح آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.