وڏي وزير پاران ڪاڇي ۽ ڪوهستان جو فضائي معائنو، نقصانن جي ازالي جو اعلان

سيوھڻ/ڀان سيد آباد/ٿاڻو بولاخان(رپورٽ: خالد ميمڻ+آدم مينگل+ن ع آ)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته برساتن کانپوءِ متاثر ٿيل علائقن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ آيو آهيان، منڇر ڍنڍ جي بندن جي آبپاشي کاتي جي مڪمل نظر آهي ۽ ڪنهن به ناخوشگوار معاملي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀرپور تياري ڪئي وئي آهي،  منڇر ڍنڍ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ھن چيو ته منڇر لڳ رھندڙ ماڻهن کان پڻ کين درپيش مسئلن بابت ڄاڻ حاصل ڪئي آهي ھن چيو ته 2010 ۾ جڏھن منڇر جي حفاظتي بند کي گھارو لڳو ھو ته ان وقت بندن جي مضبوطي لاءِ جٽادار مرمت ڪرائي وئي هئي ،ھن چيو ته برساتن دوران عام ماڻهن جي نقصان جو ازالو ڪيو ويندو جڏهن ته متاثرن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پڻ ھدايتون جاري ڪيون ويون آهن ھڪ سوال تي هن چيو ته ايم اين وي ڊرين جي صورتحال جي جائزي لاءِ دادو جي عوامي نمائندن سان گڏ دورو ڪيو آهي ۽ اتي پڻ متاثر ٿيل ماڻهن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي، هن چيو ته صدر پاڪستان جو عهدو آئيني آهي ان کي آئيني ذميواريون نڀائڻ گهرجن،ججز جي معاملي تي مسئلو ٿيو، سڀني جون نظرون سپريم ڪورٽ تي آهن، سپريم ڪورٽ کي سڀ انصاف جي نظر سان ڏسن ٿا ۽ ان کي انصاف پيدا ڪرڻ گهرجي. منڇر کانپوءِ جوھي ضلعي دادو ويندس جنهن بعد ٿاڻي بولا خان جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو وٺندس،ان کان اڳ وڏي وزير سيد مرادعلي شاه سان منڇر ڍنڍ جي ملاحن پاران ملڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن تي سيڪيورٽي عملي منڇر واسين کي ڌڪا ۽ ٿيلها ڏيئي ٻاهر ڪڍيو ۽ وزيراعليٰ سنڌ سان ملڻ به نه ڏنو، ٻئي طرف منڇر بچايو تحريڪ جي چيئرمين مولابخش ملاح وڏي وزير اڳيان احتجاج ڪندي دانهيو ته سائين اسان منڇر واسي مري رهيا آهيون پر ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، آبپاشي کاتي جي عملدارن هٿ سان منڇر کي تباهه ڪيو آهي، منڇر جا بند ڪمزور آهن ۽ اوهان کي آبپاشي وارا سڀ ٺيڪ آهي چئي مطمئن ڪن ٿا،  وڏي وزير کي منڇر ڍنڍ جي بوبڪ بند تي آبپاشي کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري جمال الدين بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته منڇر ڍنڍ 100 اسڪوائر فوٽ کيرٿر جابلو علائقي جي هيٺيان پکڙيل آهي، 30 جولاءِ تي منڇر ڍنڍ جي پاڻي جي سطح 17 فوٽن کان گهٽجي 16 فوٽ 5 انچ ٿي آهي. ٻئي طرف ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته برساتن سبب تعلقي سيوهڻ جي 6 ديهن ۾ 65 گهر مڪمل طور تي ڪري تباهه ٿيا،110 ڪچا گهر 50 سيڪڙو متاثر ٿيا آهن ۽ 14 پڪا گهر به ڊهيا، ڪمشنر چيو ته منڇر جي مهاڻن جون 10 ٻيڙيون به برساتن سبب تباهه ٿيون، وڏي وزير هيلي ڪاپٽر ذريعي منڇر ڍنڍ ۽ ڪاڇي جي مختلف يوسيز جو فضائي معائنو ڪري پنهنجي موبائيل فون ۾ تصويرون ڪڍيون ۽ برساتن سبب ٿيل نقصان جو جائزو ورتو، ان موقعي تي وڏي وزير سان گڏ صوبائي صلاحڪار فياض ٻٽ، محمد صديق ميمڻ، مخدوم ضمير حسين، امان الله شاهاڻي ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هيا، هوڏانهن وڏي وزير  چيو آهي، ته دراوت ڊيم جو افتتاح 10 سال اڳ صدر آصف علي زرداري ڪيو هو ۽ هي پهريون ڀيرو آهي، جو برساتن سبب هن ڊيم ۾ پاڻي جي سطح ۾ واڌ ٿي آهي، عوامي نمائندن، آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميه جي بريفنگ مطابق ڊيم جي پاڻي ۾ واڌ سبب ڊيم جي ويجهو رهندڙ آبادي متاثر ٿي آهي، متاثرن کي ٽوٽل نقصان جي ازالي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. اهڙو اظهار هن ڄامشورو ضلع جي تعلقي ٿاڻي بولا خان ۾ دراوت ڊيم جي صورتحال جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته متاثرن کي نه صرف بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وينديون بلڪه کين رهڻ لاءِ متبادل جاءِ پڻ فراهم ڪئي ويندي،ان موقعي تي ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر، ڊي آءِ جي پوليس حيدرآباد سيد پير محمد شاهه، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو  ڪيپٽن (ر) فريد الدين مصطفيٰ  ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان کان اڳ وزيراعليٰ ٿاڻي بولا خان ۾ هاڻوڪي برسات جي صورتحال جو فضائي جائزو پڻ ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.