” سائين شهر مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو“ڀان واسين جي وڏي وزير کي دانهن

ڀان سيدآباد(ن ع آ)سائين ڀان سيدآباد شهر مان برساتي ۽ ڊرينيج جو پاڻي نيڪال ڪرايو…! ڀان سيدآباد جي شهرين جي وڏي وزير کي ٽائون انتظاميه جي دانهن، وڏي وزير پاران اسسٽنٽ ڪمشنر کي صفائي جا حڪم جاري، خبر موجب ڀان سيدآباد جي شهرين وڏي وزير جي منڇر ڍنڍ تي اچڻ جو ٻڌي وڏي انگ ۾ منڇر تي پهتا جن وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه اڳيان ٽائون ڪاميٽي انتظاميه ڀان جي عملي جي غفلت، شهر ۾ صفائي نه ٿيڻ، ڊرينيج ۽ برسات جو پاڻي گهٽين ۽ محلن ۾ بيٺل هجڻ بابت شڪايتون ڪيون جنهن تي وڏي وزير سيدمرادعلي شاهه شهرين کي مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ کي حڪم جاري ڪيا ته فوري طور تي شهر ۾ صفائي ڪرائي رپورٽ ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.