وزيراعظم آڏو برسات متاثرن جون دانهون، بلوچستان ۾ فوتين جي وارثن لاءِ 10، 10 لک جو اعلان

شھدادڪوٽ/ ڪوئيٽا ( رپورٽ: ثمر رفيق ڀٽي + م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان ۾ ٻوڏ سان فوت ٿيندڙن جي وارثن لاءِ هر هڪ 10 لک رپيا امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري جي سلسلي ۾ جيڪب آباد به پهتو. جتي اين ڊي ايم اي جا عملدار، چيف سيڪريٽري بلوچستان ۽ ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز وزيراعظم کي بريفنگ ڏني، جنهن کان پوءِ هو ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري لاءِ جهل مگسي روانو ٿي ويو. جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي وزير اعظم شھباز شريف چيو آهي ته سوا مهيني کان جاري رھندڙ برسات بلوچستان ۾ وڏو نقصان پھچايو آهي جنهن ڪري اسان جي ڪوشش آهي ته ٻوڏ متاثر ماڻهن جي امداد ڪري وري انهن کي پنهنجي پيرن تي بيھاريون، جھل مگسي سميت ٻين ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري دوران وزير اعظم شھباز شريف چيو ته قدرتي آفتن بلوچستان جي ضلعي جھل مگسي سميت ٻين علائقن کي نقصان پھچايو آهي، جن کي جلد بحال ڪيو ويندو، ھن چيو ته اسان جو فرض آهي ته ٻوڏ متاثر عوام جي واهر ڪري هن ڏکئي گهڙي ۾ سندن ساٿ ڏيون، هن چيو ته بلوچستان حڪومت توڙي وفاقي حڪومت بنادير جي ٻوڏ متاثرن کي ريسڪيو ڪري کين راشن ۽ خيما فراهم ڪرڻ سان گڏ صحت جون سموريون سھولتون پڻ فراھم ڪندي جن لاءِ ھدايتون پڻ ڏنيون ويون آهن، ھن چيو ته برسات متاثر عوام کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيو ويندو سندن ھر ممڪن امداد ڪئي ويندي، ھوڏانھن وزيراعظم جي دوري دوران سوين ٻوڏ متاثر عورتن وزيراعظم آڏو کاڌ خوراڪ، بيمارين ۽ ريسڪيو نه ڪرڻ سميت ٻين تڪليفن جون اڀ ڏار دانھون پڻ ڪيون، جتي وزيراعظم عورتن کي ھرممڪن امداد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، ان موقعي تي وزير اعظم سان گڏ ايم اين اي مير خالد مگسي، مير طارق مگسي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، ان کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪيو، جتي هن متاثر علائقن جو فضائي جائزو به ورتو. متاثر علائقن جي دوري دوران بلوچستان جي چيف سيڪريٽري وزيراعظم کي ٻوڏ متاثر علائقن تي بريفنگ ڏني، جڏهن ته وزيراعظم امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو. شهباز شريف مختلف علائقن ۾ ٻوڏ متاثرن سان ملاقات به ڪئي ۽ فوتين جي وارثن لاءِ 10 لک رپيا هر هڪ امداد جو اعلان ڪيو. هن چيو ته ٻوڏ سان تباهه ٿيندڙ گهرن جي اڏاوت لاءِ 5-5 لک رپيا ڏينداسين ۽ جن گهرن کي جزوي نقصان پهتو، انهن کي ٻه لک رپيا يا ان کان وڌيڪ رقم ڏني ويندي. سندس چوڻ هو ته بلوچستان حڪومت به ٻوڏ سبب فوت ٿي ويندڙن جي وارثن کي 10-10 لک رپيا امداد ڏيندي. وزيراعظم چيو ته فصلن جي تباهي ۽ چوپايو مال مرڻ جي معاملي تي ڪميٽيون ٺاهيون ويون آهن، جيڪي چئني صوبن سان مشاورت ڪري سروي ڪنديون، اهي ڪميٽيون آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان حڪومتن سان به مشاورت ڪنديون. شهباز شريف چيو ته ڪوئيٽا، قلعي سيف الله ۽ لسٻيلي ۾ وڏي تباهي آئي آهي، برساتن 30 سالن جو رڪارڊ ٽوڙيو آهي، بلوچستان حڪومت سان گڏجي ڀرپور ڪم ڪنداسين. هن چيو ته سڄي پاڪستان ۾ 300 کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون آهن، جڏهن ته بلوچستان ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 124 ماڻهو فوت ٿيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.