برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب ڊينگي جو مرض وڌي ويو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب ڊينگي پکڙجڻ لڳو ۽ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪيس ڪراچي مان رپورٽ ٿيا آهن. هلندڙ مهيني 315 ڄڻا ڊينگي سان متاثر ٿيا آهن، جن مان 270 ڪراچي سان واسطو رکندڙ آهن. صحت کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 17 ڄڻا ڊينگي وائرس جو شڪار ٿيا، جن مان 16 جو واسطو ڪراچي سان آهي. هلندڙ سال ڊينگي سان متاثر ماڻهن جو انگ 1186 تائين پهچي ويو آهي، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. واضح رهي ته صوبي جي ڪيترن ئي شهرن ۾ صفائي نه ٿيڻ سبب ٻارن ۾ گيسٽرو جي بيماري به پکڙجي رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.