بدمعاشين سان ٺهيل حڪومت مڪمل نااهل آهي: عمران خان

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان هڪ ڀيرو وري اتحادي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي سوال  ڪيو آهي ته هن گند جو ذميوار ڪير آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ عمران خان لکيو ته مخالف ڌر طرفان 8 مارچ تي جڏهن ته بي اعتمادي رٿ پيش ڪئي وئي ته ان وقت ڊالر 178 رُپين جو هو ۽ اڄ 250 رُپين جو ٿي ويو آهي، ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 16.5 سيڪڙو هئي جيڪا اڄ 38 سيڪڙو ٿي وئي آهي. اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ لکيو ته امپورٽڊ حڪومت نه رڳو بدمعاشين سان ٺهي آهي پر مڪمل طور نااهل پڻ آهي، سوال اهو آهي ته هن گندگي جو ذميوار ڪير آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.