نيب ڪيس ۾ ايم پي اي فردوس شميم نقوي جي ضمانت ۾ واڌ

ڪراچي (رپورٽر)احتساب عدالت ۾ تحريڪ انصاف جي ايم پي اي فردوس شميم نقوي جي خلاف نيب انڪوائري ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي. عدالت پهرين سيپٽمبر تائين ضمانت ۾ واڌڪري ڇڏي آهي .نيب پاران فردوس شميم نقوي جي خلاف انڪوائري مڪمل ڪرڻ جي مهلت گهري آهي .نيب عملدارن جو چوڻ آهي ته جيب گروپ آف ڪمپينزکي سرڪاري زمين 30 سال جي لاءِ غيرقانوني ليز تي ڏني هئي چيو ته هئي حبيب گروپ جي ممبر بورڊ آف ڊائريڪٽر هو .ان جي عمل سان قومي ناڻي کي نقصان ٿيو آهي .

محرم الحرام ۾ نگراني لاءِ ڪنٽرول روم قائم، سخت نگراني

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت محرم الحرام ۾  نگراني لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته محرم الحرام ۾ جلسون ۽ مجلسن کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ خاص ٽيمون جوڙيون وينديون. هن چيو ته محرم الحرام ۾ نگراني لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مذهبي نفرت کي روڪڻ لاءِ آن لائن پليٽ فارمز جي سخت نگراني ڪئي ويندي. واضح رهي ته ملڪ ۾ پهرين محرم الحرام آچر 31 جولاءِ تي هوندي، جڏهن ته عاشوري جو ڏينهن 9 آگسٽ اڱاري تي ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.