ٻوڏ سٽيل بلوچستان جي صوبائي ترجمان جي ميڪ اپ سان پريس ڪانفرنس

اسلام آباد(م ڊ) بلوچستان حڪومت جي ترجمان فرح عظيم شاهه کي گهري ميڪ اپ ۽ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، بلوچستان ۾ طوفاني برسات کانپوءِ ٻوڏ واري صورتحال آهي ۽ ماڻهن جو وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، ٻوڏ وهڪرن ۾ 110 ماڻهو لڙهي فوت ٿي چڪا آهن، هر طرف تباهي ئي تباهي آهي، اهڙي ۾ حڪومت پاران امدادي سرگرمين جي صورتحال غيراطمينان جوڳي آهي، فرح عظيم شاهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي ته سوشل ميڊيا صارفن ڪوئيٽا بدران وفاقي راڄڌاني ۾ موجودگي تي مٿس سخت تنقيد ڪئي آهي،فرح شاهه پريس ڪانفرنس سادي انداز بدران ان تياري سان ڪئي جيئن اها ڪنهن تقريب ۾ شرڪت ڪري رهي هجي، ان تي تنقيد ڪندڙن سخت تنقيد ڪئي آهي، ٻئي پاسي فرح عظيم شاهه پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته سوشل ميڊيا جي جنگ کي بند ڪريو، اسان جلد سوشل ميڊيا تي ڪم ڪنداسين، مان گذريل ٽن ڏينهن کان سمهي نه سگهي آهيان ڇو ته مون کي پنهنجي ماڻهن سان گڏ ان مشڪل ۾ رهڻو آهي،صارفن جو چوڻ آهي ته فرح عظيم شاهه جون تياريون ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن کي ٻوڏ کان متاثر بلوچستان جو ڪيترو ڏک آهي، شمع جوڻيجو لکيو ته بلوچستان حڪومت جي ترجمان جي فل ميڪ اپ ۽ ڊارڪ ننهڻي سان پريس ڪانفرنس، پوءِ به چيو ويندو آهي ته بلوچستان جي محرومين تي نه ڳالهايو، شفيق اختر لکيو ته فرح شاهه تياري لاءِ ڪلاڪ لڳايا، ٻوڏ متاثرن ۽ فوتگين جو ڏک هن جي چهري مان نظر اچي ٿو، شرم جي ڳالهه آهي، آصفه ادريس لکيو ته بلوچستان جي ٻارن ۽ ماڻهن جي بيوسي ڏسو ۽ ترجمان کي ڏسو ته لڳي ٿو ته ڪنهن حسن جي مقابلي ۾ حصو وٺڻ آئي هجي، اسلام آباد ۾ ويهي فيشن ڪرڻ بدران بلوچستان ۾ وڃي ٻڏي مرو، ايترو پاڻي آهي اتي ته توهان جهڙا به ٻڏي سگهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.