مهانگائي جي شرح 37 سيڪڙو کان ٽپي وئي، عام شين جي اگهن ۾ ٽيڻ تي واڌ

اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 37 ڏهائي 6 سيڪڙو واڌ ٿيڻ سبب عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ ٽيڻ تي واڌ ٿي وئي آهي، ملڪ هلندڙ مهانگائي جي شرح 37 ڏهائي 6 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جنهن سبب عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ ٽيڻ تي واڌ ٿي وئي آهي، غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ به پريشان ٿي ويو آهي، شماريات کاتي پاران جاري ڪيل انگ اکرن چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ هلندڙ مهيني دوران مهانگائي جي شرح 37 ڏهائي 6 سيڪڙو تائين پهتي آهي، شماريات کاتي مطابق دالن، گوشت، ٽماٽرن ۽ ايل پي جي گيس سلينڊر سميت 30 کان وڌيڪ عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.