ٻين جو احتساب ڪندڙ شهزاد اڪبر ملڪ مان فرار ٿي ويو: مصدق ملڪ

اسلام آباد(م ڊ) ٻين جو احتساب ڪندڙ شهزاد اڪبر پاڻ ملڪ مان فرار ٿي ويو آهي، هاڻي عمران خان جي ڀڄڻ جو وقت آهي، مني لانڊرنگ جي ڪيس لاءِ بهترين وڪيل ڪري وٺو شايد هاڻي توهان کي مرضي جو جج نه ملي، برطانوي اخبار فنانشل ٽائيم گذريل حڪومت جي مني لانڊرنگ کي بي نقاب ڪيو، برطانيه ۾ مني لانڊرنگ جي ذريعي موڪليل 250 ملين ڊالر حڪومت پاڪستان کي واپس ڪيا ويا پر عمران خان اها رقم بحريه ٽائون کي واپس ڪري ڇڏي، ٻين جو احتساب ڪندڙ شهزاد اڪبر پاڻ ملڪ مان فرار ٿي ويو، عمران خان جو ڪو به ڪمائي جو ذريعو ناهي ته 250 ڪينال جي وڏي گهر ۾ ڪيئن رهي ٿو، عارف نقوي عمران خان کي ڪارو ناڻو فراهم ڪيو. پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ ڇنڇر ڏينهن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته برطانيه ۾ پڪڙيل 250 ملين جي مني لانڊرنگ جو پئسو عمران خان بحريه ٽائون کي واپس ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.