اسلام آباد(م ڊ) نواز ليگ اڳواڻ محمد زبير چيو آهي ته عمران خان کان بار بار پرڏيهي فنڊنگ ڪيس بابت سوال پُڇنداسين، برطانوي اخبار ٻڌائي ڇڏيو آهي ته خيرات جو پئسو ڪيئن پي ٽي آءِ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿيو، ھن چيو تھ پي ٽي آءِ 8 سالن کان پرڏيهي فنڊنگ ڪيس تي فيصلو روڪرائڻ لاءِ بهانا ڪري رهي آهي، عمران خان پنهنجي صادق ۽ امين هجڻ جو ثبوت ڏئي.