ايندڙ مهيني ڪراچي ۾ غير معمولي برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي (م ڊ) موسمياتي تجزئي نگار ايندڙ مهيني به ڪراچي ۾ غير معمولي برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسمياتي تجزئي نگار جواد ميمڻ چيو آهي ته چوماسي سيزن ۾ جولاءِ جيان آگسٽ ۾ به معمول کان وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ 12 کان 14 آگسٽ دوران تيز برساتون ٿي سگهن ٿيون ۽ آگسٽ مهيني ۾ 3 کان 4 مضبوط سسٽم سنڌ تي اثرانداز ٿي سگهن ٿا. واضح رهي ته جولاءِ مهيني ۾ ڪراچي ۾ غير معمولي برساتون پيون هيون، موسميات کاتي انگن اکرن ۾ ٻڌايو هو ته ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ 5 85 ملي ميٽر برسات مسرور بيس ۾ رڪارڊ ٿي، جنهن سان مسرور بيس ۾ برسات جو 55 سالن جو رڪارڊ ٽٽي پيو، مسرور بيس تي 1967 ۾ 509 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي هئي. موسميات کاتي موجب گلشن حديد ۾ 566، ڊي ايڇ اي ۾ 509 ۽ فيصل بيس تي 444 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي. انگن اکرن موجب قائدآباد ۾ 424، سرجاڻي ۾ 408، ناظم آباد ۾  344، ڪراچي ايئرپورٽ ۾ 343 ۽ نارٿ ڪراچي ۾ 309 ملي ميٽر برسات پئي. موسميات کاتي ٻڌايو هو ته اورنگي ٽائون ۾ 293، ڪياماڙي ۾ 291، يونيورسٽي روڊ تي 262، گلشن معيار ۾ 239، صدر ۾ 236، سعدي ٽائون ۾ 226 ۽ ڪورنگي ۾ 152 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي.

نيشنل پارٽي ڪارڪنن کي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪمن جي هدايت

ڪوئيٽا(م ڊ) نيشنل پارٽي جي صوبائي ورڪنگ ڪميٽي جي ميمبر جميل بلوچ نوشڪي سميت بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ تازي طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ جي تباه ڪارين سان وڏي انگ ۾ قيمتي انساني جانن جي ضياع  وڏي پيماني تي ملڪيتن، زرعي زمينن جي نقصانن تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڇنڇر ڏينهن جاري بيان ۾ هن چيو ته تازي ٻوڏ سبب ڪيترائي گهر ڊهڻ ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن جو نالو نشان ختم ٿي چڪو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.