گمبٽ ڀرسان اڄڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي

گمبٽ(ن.ع.آ) گمبٽ ڀر سان ڳوٺ رسول بخش اڄڻ ۾ گهرو معاملي تان اڄڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻه ڄڻا  زخمي, عوتن جو معصوم ٻارن سان گڏ بااثرن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو. ان موقعي تي احتجاج ڪندي عورتن مسمات ڪلثوم خاتون, مسمات سلما اڄڻ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن انور علي, زوهيب علي, منور، اصغر اڄڻ بنا وجه اسان جي مردن  ۽ عورتن تي تشدد ڪيو آهي ۽ بااثرن ڏاڍ ۽ظلم ڪندي اسان جي مردن کي پوليس کان کنڀرائي ٻڌرائي ڇڏيو آهي غريب آهيون ڪو به مدد ڪرڻ لاء تيار نه آهي احتجاج ڪندڙ عورتن ڊي آء جي سکر ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.