سيٺارجا ڀرسان ناري مبينا اغوا، وارثن پاران پاڪ ڪتاب کڻي ڌرڻو

سيٺارجا (ن ع آ) سيٺارجا ڀرسان  ڳوٺ حاجي ماڪن ڪٻر مان 17 سالا ناري نغمہ ملاح کي سندس ڀيڻ جي گهر مان هٿياربندن هٿيارن جي زور تي گهر ۾ زبردستي داخل ٿي  مبينا طور اغوا ڪري ويا واقعي خلاف متاثر  عورتن امڙ شهزادي ۽ ڀينرن شڪيلان, روشن بي بي ۽ ٻين پريس ڪلب سيٺارجا پهچي قرآن پاڪ هٿن ۾ کڻي احتجاج ڪندي دانهيو ته منهنجي ڌي پنهنجي ڀيڻ جي گهر رهندي هئي جنهن کي صبح سان هٿياربندن بابر , ابن , منصور,مختيار, مريد خان ۽ ٻين گهر ۾ هٿيارن جي زور تي داخل ٿي اغوا ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويا آهن هنن چيو ته اسان انتهائي غريب آهيون ڪير به اسان جي ٻڌڻ لاء تيار ناهي هنن چيو ته سيٺارجا پوليس کي انهي وقت اطلاع ڏنوسين پر اهي موقعي تي نه پهتا اهڙي واقعي جو سيٺارجا ٿاڻي اطلاع ڏنو آهي ۽ اين سي به داخل ڪرائي آهي پر سيٺارجا پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي انهن خلاف ڪاروائي ڪرڻ بدران انهن جي ونگارو بڻيل آهي هنن چيو ته اسان جي نياڻي کي ڪجه به ٿيو ته انهن کي ڪڏهن به بخش نه ڪيو ويندو هنن ايس ايس پي خيرپور سميت اعلي اختيارين کان اپيل ڪئي تہ نوٽيس وٺي ناري بازياب ڪرائي ڏني وڃي ۽ جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.