ميهڙ ۾ بدامني، هڪ ڏينهن ۾3 وارداتون، احتجاج

ميهڙ ( س ر ) ميهڙ ۾ بدامني جي لهر برقرار ھڪ ڏينھن چار وارداتون شھر جي مصروف ترين گهنٽا گهر چونڪ ۽ ون فائيو سينٽر کان ڪجهھ مفاصلي تي بي سيڪشن  ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم هٿياربندن شيراز ميڊيڪل اسٽور تي چڙهائي ڪري اسٽور مالڪ شفيق خاصخيلي ۽ سندس ملازمن کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي اسٽور مان 80 هزار روپيا روڪ رقم ڦر ڪري ون فائيو سينٽر ويجهو هجڻ باوجود هٿياربند آساني سان فرار ٿي ويا واضع رهي ته ڪجھ مهينا اڳ به هٿياربندن ساڳئي ميڊيڪل اسٽور تان هزارين روپيا ڦر ڪري ويا ھئا اسٽور مالڪ شفيق خاصخيلي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ظلم آھي سڄو شهر کليو پيو آھي ون فائيو سينٽر ڀرسان هجڻ ۽ 2 ٿاڻن هوندي هٿياربندن آساني سان واردات ڪري فرار ٿي وڃن ٿا پر پوليس ڪا به ڪاروائي نه پئي ڪري ھن چيو ته پھريان به مونکان لکين روپيا ڦر ڪري ويا ھئا مسلسل پوليس ٿاڻن جا پنڌ ڪري ٿڪجي پياسين پر ڪا به رڪوري نه ٿي اڄ وري ٻيھر ظالم ڦر ڪري ويا آھن ڪو نوٽيس وٺڻ وارو نه آھي خدارا نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي . ٻئي طرف ميھڙ بائي پاس نانڪ رام رائيس مل ڀرسان خليق الرحمان منگي کان سي ڊي موٽر سائيڪل ۽ موبائل روڪ رقم ڦر ڪري ويا ۽۽ ٻٽ سرائي روڊ سان حاجي سراج منگي کان نامعلوم ڦورو ون ٽو فائيو 2022 موٽر سائيڪل ، ھڪ عدد آئي فون موبائيل ، 15000 روڪ رقم ، ھڪ راڊو گھڙي بہ آساني سان ڦر ڪري فرار ٿي ويا اھڙو اطلاع ميھڙ اي سيڪشن ٿاڻي تي ڏنو ويو آھي ھوڏانھن ميهڙ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ميڊيڪل اسٽور تان ڦر واري واقعي خلاف واپارين ۽ دڪاندارن جو نياز ٻرڙو ۔ رضوان آڳرو، ميڊيڪل اسٽور مالڪ شفيق خاصخيلي ۽ ٻين واپارين دڪاندارن جو ٿاڻي آڏو احتجاج ٿاڻي جو عملو ٿاڻو ڇڏي هليو ويو واپارين ۽ دڪاندارن بدامني خلاف نعريبازي ڪئي ۽ چيو ته ڦرون ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آھن پوليس ڏوھارين جي ساٿاري بڻيل آھي شھري ۽ دڪاندار پنھنجو ڪاروبار نه ٿا ڪري سگھن ميھڙ ٿاڻي تي مقرر ايس ايڇ اوـ وڏو منشي به ٿاڻن تي موجود نه آھن شھري پنھنجي دانھن ڪنھن کي ڏين آء جي سنڌ نوٽيس وٺي شھرين سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.