خيرپور پوليس جون ڪارروائيون، 3 جوابدار گرفتار ، هٿيار هٿ

خيرپور (س ر )  خيرپور پوليس  پاران  12 ڏينهن اڳ  اڳڙا ٿاڻي جي حد  ۾ پوليس   مقابلي دوران 3 ڏوهاري غلام شبير مهر ، مدد  علي ، ارشد علي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪري ورتا ، سن سلسلي ۾ خيرپور پوليس دعويٰ ڪندي ٻڌايو آهي ته ڏوهاري مدد علي پڇا ڳاڇا دوران پنهنجو اصل نالو لاڙڪاڻي ضلعي جو رهواسي جاويد مهر طور ٻڌايو آهي ، جڏهن ته سندس جعلي سڃاڻپ ڪارڊ مدد علي جي نالي سان پڻ ٺهيل آهي ، پوليس وٽ موجود جاويد مهر لاڙڪاڻي جي ٿاڻي بقاپور جي حد ۾ حملو ڪري اي ايس آءِ مظفر علي ۽ پوليس ڪانسٽيبل نواب علي کي شهيد ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث آهي ، جڏهن ته ڌوهاري اهڙو اعتراف پڻ ڪيو آهي ان کان علاوه جاويد مهر مٿان لاڙڪاڻي جي مختلف ٿاڻن تي 15 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن ،جڏهن ته پوليس پاران گرفتار ڪيل 3  ڏوهارين  کان وڌيڪ جاچ جاري آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.