ٽنڊو الهيار ۾ٻن ڀائرن جي قتل ڪيس جو جوابدار ٿاڻي تي پيش

ٽنڊوالهيار (ڊ ر) ٽنڊوالهيار ويجهو عيد جي رات قتل ٿيل 2 ڀائرن جي ڪيس ۾ نامزد جوابدار پيش ٿي ويو ٻن ڀائرن جي قتل ڪيس ۾ نامزد  جوابدار علي حسن جويو معززن معرفت پيش ٿيو. ڪيس ۾ نامزد جوابدار علي حسن جويو کي پيش ٿيڻ کانپوءِ بي سيڪشن ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو. ياد رهي ته جويا برادري جي ٻن ڌرين ۾زميني تڪرار هلندڙ هو جنهن سبب ٻن ڀائرن کي گوليون هڻي عيد الاضحٰي جي رات قٻي اسٽاپ تي ٻن ڀائرن اشرف جويو ۽ علي غلام جويو کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو. جڏهن ته مقتولن جو قتل ڪيس مقتول جي ڀاء علي گل جويو جي فرياد تي بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو قتل ڪيس ۾ 4 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو هو جنهن مان هڪ جوابدار علي حسن جويو پاڻ پيش ٿيو آهي. ايس ايس پي فاروق احمد بجاراڻي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاء ٽيم جوڙي هئي جوڙيل ٽيم واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاء مسلسل ڇاپا هڻي رهي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.