صحافي زوهيب زرداري جي ڀاءُ تي حملو، اغوا ڪرڻ جي ڪوشش تشدد، احتجاج

نوابشاهه(رپورٽ : فياض چنڊ ڪليري) نامور نوجوان صحافي ۽ اينڪر پرسن زوھيب حسين زرداري پنھنجي ڀاءُ جاويد حسين  زرداري سان گڏجي بوچيري جي بااثر ۽ وڏيري پ پ پ اڳواڻ بچل زرداري ۽ بالو جا قبا ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي مبينا غير قانوني قدمن ۽ ظلمن خلاف نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته بااثر وڏيرو اسان شريف ماڻھن جو ذاتي دشمن بڻجي ويو آهي ۽ علائقي جي منشيات فروشن ۽ ڏوھارين جي سرپرستي ڪندي اسان خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ اسان جي قتل ڪرائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آھي، ھن چيو ته 29 جون جي ڏينهن منھنجو پورھيت ڀاءُ لقمان حيدر زرداري بوڇيري شھر ۾ پنھنجي حجامڪي دوڪان تي پورھيت ڪري رھيو ھو ته وڏيري جي ھارين ھٿيارن جي زور تي دوڪان تي چڙھائي ڪري منھنجي ڀاءُ لقمان کي زبردستي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ منھنجي ڀاءُ ڪي وحشياڻو تشدد ڪرڻ بعد ڀرپاسي جا ماڻھو گڏ ٿيڻ بعد ھٿياربند سرعام فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا، ھن چيو ته جڏهن اھڙي ظلم خلاف مون بالو قبا ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي جوابدارن خلاف ايف آئي آر داخل ڪرڻ ۽ کين گرفتار ڪرڻ لاءِ چيو ته ايس ايڇ او وڏيري جي ڪمداري ڪندي ڪوبه قدم نه کنيو، زوھيب زرداري چيو ته وڏيرو صرف انڪري ذاتي دشمني تي لھي آيو آھي جو تازين ٿيل بلدياتي چونڊون ۾ بوچيري ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر 2 مان منھنجي ڀاءُ روشن علي زرداري آزاد اميدوار جي حيثيت سان ڪائونسلر لاءِ بيٺو جڏهن ته وارڊ نمبر 4 پ پ پ جي مخالفت ۾ پنھنجو آزاد اميدوار نظر محمد زرداري بيھاريو جنھن تان پ پ پ جي مقامي قيادت مونسان رابطو ڪري وارڊ نمبر 4 ۾ بيٺل جي ڊي اي اميدوار فيض محمد زرداري کي پ پ پ اميدوار اياز زرداري جي حق دستبردار ٿيڻ لاءِ چيو ۽ ذاتي ڪوششون وٺي فيض محمد زرداري کي ھٿ کڻايو ۽ اليڪشن واري ڏينهن بچل زرداري سندس پٽن ۽ ڀائٽين کي ساڻ ڪري وارڊ نمبر 4 جي پولنگ اسٽيشن تي ھٿيارن سان حملو ڪيو لٺيون لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا ماڻھو زخمي ٿيا جنھن جي رڪارڊنگ موجود آهي، زوھيب زرداري پ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، فريال ٽالپر، بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪيو کيس ۽ سندس ڀائرن کي قتل ڪرڻ جون سازشون ڪندڙ وڏيري سندس ڪمداري ڪندڙ ايس ايڇ او ، وڏي منشي خلاف اڻ ڌري جاچ ڪرائي وڃي ۽ سنڌ ھائي ڪورٽ انھي مامري جي جي آئي تي جوڙي اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.