نوجوان شاعر مسرور پيرزادي جو نوجوان ڀائٽيو لاڏاڻو ڪري ويو

ڏوڪري (ت ر) نوجوان شاعر مسرور پيرزادي جو نوجوان ڀائٽيو نيهان پيرزادو ٿيليسيميا بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو، ٻلهڙيجي ۾ تدفین تفصیل  موجب سنڌ جي نوجوان شاعر ليکڪ مسرور پيرزادي جو ڀائٽيو ۽ منصور پيرزادي جو پٽ ۽ سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر فياض پيرزادي رياض پيرزادي جو نوجوان ڀاڻيجو نيهان پيرزادو ٿيليسيميا جي بيماري سبب 18 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو سندس تڏو موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ ٻلھڙيجي ۾ وڇايو ويو آهي هوڏانهن مرحوم کي ڳوٺ جي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ سياسي سماجي ڌرين جي ماڻهن شرڪت ڪئي. هوڏانهن مرحوم جي پونئيرن سان تعزيت جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، ليکڪ اديب شاہ محمد پيرزادي، صحافي زرار پيرزادي، ليکڪ اديب زيد پيرزادي، امر پيرزادي، ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي، صحافي اسد ٻگهيو، چيئرمين اسد الله پيرزادو، محمد اسلم ٻگهيو فراز پيرزادو ۽ ٻين تڏي تي پهچي تعزيت ۽ ڏک جو اظهار ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.