لاڙڪاڻي مان نوجوان جو لاش هٿ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو شهر جي علي گوهرآباد ٿاڻي جي حد مان 32 سالن جي نوجوان جو  لاوارث لاش هٿ آيو، شهرين جي اطلاع تي پوليس لاش تحويل ۾ وٺي چانڊڪا اسپتال پهچايو، جنهن کانپوءِ لاش ايڌي رضاڪارن حوالي ڪيو ويو، لاش جي سڃاڻپ نه ٿيڻ تي ايڌي رضاڪارن غسل ڪفن ڏيڻ بعد شهر جي دودائي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو.

  • ٺل ۾ پيئڻ جي مٺي پاڻي جو مسئلو آهي: پ پ ايم پي اي

ٺل(رپورٽ سيد زين شاهه )پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي چيو آهي ته ٺل شهر ۾ پيئڻ جي مٺي پاڻي جو مسئلو آهي شهري احتجاج ڪري رهيا آهن احتجاج ڪرڻ ڀلي ڳالهه آهي پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو تمام جلد حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندس اهڙن خيالن جو اظهار هن ٺل ۾ يونيورسل اسڪول جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو,هن وڌيڪ چيو ته ٺل شهر جي مسئلن کي حل ڪري رهيا آهيون, تعليمي حوالي سان يونيورسل اسڪول جو قيام بهترين عمل آهي,استادن جي محنت سان ئي انسان پڙهي لکي اڳتي وڌي وڏي عهدي تي پهچي ٿو, جنهن ۾ استاد جو وڏو ڪردار هجي ٿو, هن چيو ته اسان سوين ڳوٺن کي روڊ، بجلي، گئس ،اسڪول،اسپتالن سميت سموريون سهولتون مھيا ڪيون آهن،جلد رھيل سمورا ڪم ۽ اسڪيمون مڪمل ڪرايون وينديون.ھن نون ڀرتي ٿيندڙ استادن کي ھدايتون ڪندي چيو ته تعليم طرف توجه ڏئي قوم جي معمارن جي مستقبل سنوارڻ لاءِ پنھنجون ڪوششون صرف ڪن تہ جيئن سماج ۾ مثبت تبديلي اچي سگھي ۽ ٺل جو نالو پوري سنڌ ۾ روشن ٿي سگھي.اسڪول جي پرنسپال جاويد ساغر بروهي, اشفاق احمد دايو ۽ ٻين خطاب ڪيو, افتتاحي تقريب ۾ آيل مهمانن کي اجرڪ پارايا ويا, تقريب ۾ شهر جي تعليمي ماهرن, صحافين سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

  • لاڙڪاڻي ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي نوجوان زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد جيلس بازار واري علائقي ۾ هٿياربند ڦورن نوجوان عدنان گاد کان موٽرسائيڪل، موبائيل فون ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هٿياربندن جي مزاحمت ۾ نوجوان ڦورن جي  گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، جنهن کي لاڙڪاڻو چانڊڪا اسپتال جي حادثات واري شعبي ۾ داخل ڪرايو، ان موقعي تي زخمي جي مائٽ امتياز گاد ٻڌايو ته رات دير سان لاڙڪاڻو شهر جي جيلس واري علائقي ۾ هٿياربند ڦورن نوجوان عدنان گاد کان موٽرسائيڪل، موبائيل فون ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هٿياربندن نوجوان کي سيني ۾ گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اهڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.