قانون کان مٿانهان فيصلا بدنامي جو ڪارڻ آهن:شبير انصاري

حيدرآباد(رپورٽر) مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ صاحبزاده شبيرالحسن انصاري حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته قانون کان مٿانهان فيصلا بدنامي جو سبب بڻجي رهيا آهن. سپريم ڪورٽ جي سينيئر ججن جونئير ججن جي مقرري خلاف آواز اٿاريو. جوڊيشل ڪميشن صحيح فيصلا نٿي ڪري. هن چيو ته آئين ٽوڙيندڙن خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڇو ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي. هن چيو ته پي ٽي آءِ خلاف داخل فارين فنڊنگ ڪيس هليو  ۽ ان جو فيصلو محفوظ ڪيو ويو. اهو فيصلو ڪڏهن ٻڌايو ويندو. هن چيو ته پاڪستان هڪ اسلامي ملڪ آھي عمران خان کي اسرائيل ۽ ڀارت مان فنڊنگ ٿي ۽ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ ماحول جوڙيو ويو. هن مطالبو ڪيو فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو جلد ٻڌائي عمران خان کي اسرائيل ۽ ڀارت مان ٿيل فنڊنگ جي جاچ ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.