سلطان ڪوٽ (ن ع آ) همايون ۽ ڀرپاسي بدامني وڌي وئي، ڳوٺ شاهل سڌايو ۾ چور پورهيت سعيد سڌايو، بابل سڌايو ۽ محمد عمير جي گهر مان 3 سولر پليٽون چورائي ويا جڏهن ته چور ڳوٺاڻي فضل الله چنو جي گهر مان سائيڪل ڪاهي ويا. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته همايون ٿاڻي جي پوليس ڏوهارين خلاف ڪو به قدم نه ٿي کڻي، جنهن سبب چورين جو آزار وڌي ويو آهي.