جهمپير ( ن ع آ) جهمپير کان ڪراچي وڃڻ لاء ٽرين جي انتظار ۾ ويٺل مسافر ڳوٺ علي بخش منڇري جا رهواسي غلام مصطفا منڇري ۽ سليمان منڇري کي لاهور کان ڪراچي ويندڙ نان اسٽاپ ٽرين خيبر ميل مان بريڪ ۽ لوهي پٽي نڪري ٽنگن ۾ لڳڻ ڪري ٻئي ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا زخمين کي طبي امداد ڏيڻ بعد سول اسپتال مڪلي موڪليو ويو.