نصيرآباد ۾بدامني ۽ منشيات جي وڪري خلاف احتجاجي

نصيرآباد (ن ع آ) نصيرآباد ۾بدامني، جوا جي اڏن ۽  منشيات جي سرعام وڪري خلاف جي يوآءِ  جي ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي.ريلي کي مولانا ياسين ڪانڌڙو، مولانا محمد حسن بازري، قاري محمد عثمان مغيري، مولانا عبدالرحيم جتوئي، مولانا اسدالله شيخ ۽ عبدالقادر ٽڳڙ چيو تـ پوليس شھر کي ڏوھارين جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي، نصيرآباد شھر اندر ڏوھي وارداتن ۾ اضافو ٿيندو ٿو وڃي. ھنن چيو تـ نصيرآباد جي مختلف محلن ۾جوا جا اڏا سرعام ھلي رھيا آھن، ان کان علاوا منشيات جو  سرعام عام وڪرو جاري آھي، پوليس ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ منٿلي اوڳاڙڻ ۾ پوري آھي. ھنن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر کان مطالبو ڪيو ته نصيرآباد مان بدامني ۽ سماجي براين جو فوري طور خاتمو آندو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان سخت احتجاج ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.