ٽنڊو علام حيدر تعلقي ۾ برساتن بعد ڳائي مال ۾ خطرناڪ وائرس پکڙجي وئي آهي مالوندن لائيواسٽاڪ کاتي کان نوٽيس وٺي ويڪسين ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ڳوٺ ڪريم ڏنو، متارو چانڊيو، ڌارشي پٽيل ۽ خير محمد کوسو سوڌو ٻين ڳوٺن ۾ ڳائي مال ۾ لمپي اسڪن ڊيزيز وائرس پکڙجي وئي آهي.
ڳائي مال ۾ وائرس سبب مالوندن ۾ ڳڻتي جي لهر ڇائنجي وئي آهي، سندن چوڻ آهي ته خطرناڪ وائرس پکڙجڻ سبب ڳائي مال جي مرڻ جو خدشو وڌي ويو آهي.
هنن سنڌ حڪومت، لائيو اسٽاڪ کاتي ۽ ڊي سي ٽنڊو محمد خان کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي مال کي وائرس کان بچاءَ لاءِ ويڪسين ڪرائي مرڻ کان بچايو وڃي.